Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي عمر مُبارَڪ جا 33 سال درس، تَدريس ۽ فَتويٰ نَويسي ۾ گذاريا، جڏهن ته 40 سال مخلوقِ خُدا ۾ وَعظ ۽ نصيحت جا مدني گُل نڇاوَر ڪيا ۽ 90 سال جي عمر ۾ 561ھ ۾  وِصال فرمايو۔ (اخبار الاخيار: ۹)

سلاطینِ جہاں کیونکر نہ اُن کے رُعب سے کانپیں
نہ لایا شیر کو خطرے میں کُتّا غوثِ اعظم کا

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

فائديمند ” ڪارتُوس“

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي مٿي جا تاج، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيئن ته خُود باعمل هئا، انهيءَ  لاءِ سندن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نيڪي جي دعوت تي مشتمل ڪلما تاثير جو تِير بڻجي ڪري ماڻهن جي سِينن ۾ پيوست ٿي ويا ۽ اُنهن جي دل جي دُنيا بدلجي ويندي۔ ياد رکو! جيڪڏهن ڪارتُوس بہترين بندوق سان هَلايو وڃي ته ان سان شينهن به ماريو وڃي سگھجي ٿو، اسان جي نيڪي جي دعوت جا اَلۡفَاظ ”ڪارتُوس“ وانگر آهن ۽ اسان جو ڪردار بندوق جي مثل آهي، جيڪڏهن نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ وارو خُود باعمل ہوندو ته ان جي ڳالھ ۾ به اثر ہوندو، تنهنڪري پنهنجي ڳالھ ۾ تاثير پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي عملي حالت به دُرُسۡت ڪرڻ گھرجي۔ حُضُور غوثِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ خُود عمل ڪرڻ جي بغير ڪئي ويندڙ نصيحت جي باري ۾ اِرشاد فرمائن ٿا: خُود عمل ڪرڻ جي بغير، ٻين کي نصيحت ڪرڻ، ڪا اَہَميت نه ٿي رکي۔ (الفتح الرباني، المجلس العشرون ،ص۷۸) وڌيڪ فرمائن ٿا: خُود عمل نه ڪرڻ، ٻين کي نصيحت ڪرڻ ائين ئي آهي، جيئن بغير دروازي جي گھر ۽ ان ۾ گھر جون ضروري شيون به نه هجن ۽ اهڙو خزانو آهي، جنهن مان ڪجھ خرچ نه ڪيو وڃي ۽ هي ڳالهه اهڙي دعويٰ وانگر آهي، جنهن جو ڪو گواھ نه هجي۔ (الفتح الرباني،المجلس العشرون ،ص۷۸)