Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

اولياءِ ڪرام جي صحبتن جا فائدا:

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نَفۡس کي قابُو نه ڪرڻ جو هڪ سبب، ان جي سڃاڻپ نه ہئڻ به آهي ته نَفۡس پنهنجي وڪڙ ۾ ڪهڙي طرح ڦاسائيندو آهي، پنهنجون چالون ڪهڙي طرح آزمائيندو آهي۔ان جي مَعۡرفت نه ہئڻ جي سبب جي ڪري

به ٻانهو نفس جو شڪار ٿي ويندو آهي۔نفس جي چالن ۽ ان جي مڪر۽ فريب کي سڃاڻپ جي لاءِ اللہ عَزَّوَجَلَّ   جي محبوب ۽ نيڪ ٻانهن جي صحبت اختيار ڪئي وڃي۔

        حُضُور سَيدُنا شيخ عبدُالقادِر جِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان ڳالھ جي طرف نشاندہي ڪندي اِرشاد  فرمائن ٿا: مَنْ اَکْثَرَ مِنْ مُّخَالَـطَۃِ الْعَارِفِیْنَ بِاللّٰہِ عَزَّوَجَلَّ   عَـرَفَ نَفْسَہٗ۔ يعني جيڪو شَخۡص اللہ عَزَّوَجَلَّ   جي مَعۡرِفَت رکڻ وارن ٻانهن (اَوۡلِياءُ اللہ) جي صحبت ۾ رہندو آهي، ته اهو پنهنجي نفس کي سڃاڻي وٺندو آهي۔ (الفتح الرباني، المجلس الرابع والخمسون، ص۱۸۰) مزيد فرمائن ٿا: بيشڪ اَوۡلِياءُاللہ جي صفتن مان هي به آهي ته جڏهن اهو ڪنهن شَخۡص جي طرف نظر ڪن ۽ ان (جي دل) تي تَوجُھ ڪري ڇڏين ته ان جي ايمان، يقين ۽ ثابت قدمي ۾ مزيد اضافو ٿي ويندو آهي۔

 (الفتح الرباني،المجلس الثاني والستون ،ص  ۲۱۹ملخصاً)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ   جي نيڪ ٻانهن جي صحبت ۾ رہڻ جي برڪت سان دل جي دُنيا بدلجي ويندي آهي۔ في زمانو چڱي صحبت حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي به آهي۔ اسان کي به ان مدني ماحول ۾ رہي ڪري گناھن کان بچڻ ۽ نيڪين جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۽ اجتماعي طور تي ڏِٺو ويندڙ ہفتيوارمدني مذاڪرو ۽ ٻين مدني ڪمن ۾ شرڪت سان گڏوگڏ، ہر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندو رهڻ گھرجي، عاشقانِ رسول جي صحبت ۽ مدني انعامات تي عمل جي عادت