Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

بنائڻ گھرجي، ڇو جو نيڪ ماڻهن جي گھڙي ڀر جي صحبت، وڏي کان وڏي گناھ گارن جي بگڙي بڻائي ڇڏيندي آهي۔ مَنۡقُول آهي ته هڪ ڀيري سَيدُنا غوثِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مَـدِينَهء مُـنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ  شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي حاضري ڏئي ڪري پيرين اُگھاڙي بغداد شريف جي طرف اچي رهيا هئا ته رستي ۾ هڪ بيٺل چور ڪنهن مُسافر کي ڦُرلُٽ جي لاءِ انتظار ڪري رہيو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن ان جي ويجھو پہتا ته پُڇيائون: تون ڪير آهين؟ ان جواب ڏنو: ڳوٺاڻو آهيان،

پر پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪشۡف جي ذريعي ان جي مَعصيت (گناھ) ۽ بدڪرداري کي لکيل ڏسي ورتو، ان چور جي دل ۾ خيال آيو:  ”شايد هي غوثِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن۔“ سندن  کي ان جي دل ۾ پيدا ٿيڻ واري ان خيال جو به علم ٿي ويو، ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: آئون عبدُالقادِر آهيان۔ هي ٻُڌندي ئي اهو چور فوراً اوهان جي مُبارڪ قدمن تي ڪِري پيو ۽ ان جي زبان تي يا سَيِّدِي عَبدَالقَادِرِشَيئًالِلّٰہِ (يعني اي منهنجا آٓقا عبدُالقادر! منهنجي حال تي رحم فرمايو) جاري ٿي ويو۔

    اوهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ان جي حالت تي رحم اچي ويو ۽ ان جي اصلاح جي لاءِ بارگاھ اِلٰہي ۾ مُتَوجھ ٿيا ته غيب کان ندا آئي: ”اي غوثِ اعظم! ان چور کي سڌو رستو ڏيکار ۽ ہدايت جي طرف رہنمائي فرمائيندي ان کي قطب بڻائي ڇڏ۔“ جيئن ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نگاھِ فيض سان اهو قُطۡبِيت جي درجي تي فائز ٿي ويو۔ (سيرت غوث الثقلين،ص۱۳۰،از غوثِ پاڪ جا حالات: ۳۸)

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي هڪ نگاھِ فيض سان ان چور جي نفس جي سرڪشي ۽ دل جي آلُودَگي سڀ صاف ٿي وئي ۽ ان کي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وَقۡت جو قُطُب بڻائي ڇڏيو، معلوم ٿيو ته جڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ   جي ولي جي نگاھ سان چور، قُطُب بڻجي سگھن ٿا ته اسان جي گناھن جو ميراڻ ۽ دلين جي زنگ کي ڌوئڻ انهن جي لاءِ ڪهڙي وڏي ڳالھ آهي؟ ان لاءِ اسان کي اولياءِ ڪرام  رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جي صحبت ۾ رہڻ گھرجي۔ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ السَّلَام جي قُربت ۽ ان سان مَحَبَّت