Book Name:Ghaus e Pak K Fazail
شريف به چوندا آهن انهيءَ مناسبت سان اسان اڄ ان مقدّس هستي جو ذڪر خير،خاص طور اوهان جا فضائل ۽ ڪرامتون ٻڌنداسين جن کي دنيا غوث اعظم جي نالي سان ڄاڻي ٿي الله پاڪ اوهان کي ولايت جو اهو تاج عطا فرمايو آهي جو پاڻ سمورن اوليائن جا سردارٿيا.جيڪو شخص جيتري بلند مرتبي جومالڪ هوندو آهي.ان جي ذات ۾خوبي ۽ ڪمال انهيءَ قدر عمده ۽ بي مثال هجڻ گهرجي ته جيئن هو ان خاصيتن جي ڪري ٻين کان ممتاز نظر اچي جيڪڏهن ان ۾ هڪ ئي وقت کوڙ عمده خوبيون جمع ٿين ته ان جي قدر۽ منزلت کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن بيشڪ تمام انبياءڪرام عليهم الصلٰوة والسلام جي ذات سموري مخلوق ۾سڀن کان افضل ۽ اعلٰي ۽ هر طرح کان ممتاز آهي الله پاڪ انهن کي مختلف خوبين سان نوازيو،پر رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ عظمت تي قربان وڃجي ته الله ڪريم جيڪي فضائل ۽ ڪمالات ٻين انبياءڪرام عليهم الصلٰوة والسلام کي عطا ڪيا اهي سڀ جا سڀ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات ۾جمع فرمايا.
نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا بيشمار معجزات آهن اهي معجزا به آهن جيڪي پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات اقدس مان ظاهر ٿيا پر اهڙا به کوڙ معجزا آهن جيڪي قيامت تائين پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي امت ۾ اچڻ وارن اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجّمَعِين کان ڪرامت جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا رهندا ڇو ته ولي جي ڪرامت حقيقت ۾ ان جي نبي جو معجزو هوندي آهي. (عجائب القرآن مع غرائب القرآن،ص۱۵۱)
الله ڪريم اولياءِ ڪرام کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ وڏي شان ۽ عظمت سان نوازيو آهي،انهن عظيم هستين سان زماني جي شان ۽ شوڪت قائم آهي،انهن جي عبادت جي مهڪ تمام عالم کي خوشبودار بڻائي رکيو آهي، هي اهي عظيم ماڻهو آهن جو جن جا دل هر وقت رب ڪريم جي بارگاهه ۾ جهڪيل رهندا آهن،جڏهن هي نيڪ هستيون