Book Name:Ghaus e Pak K Fazail

اسان جي غُوث پاڪ جي شان اها هئي جو پاڻ پيدائشي طور الله ڪريم جا ولي هئا.اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو سندن ولادت با سعادت جي وقت والده ماجده رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها جي عمر سٺ (60) سال هئي، جڏهن ته هن عمر ۾ عام طور اولاد جي اميد ناهي هوندي. (بھجۃ الاسرار،ص ۱۷۳) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو سندن ولادت جي رات جيلان شريف ۾ يارنهن سو(1100) ٻار پيدا ٿيا جيڪي سڀ جا سڀ ولي بڻيا ـ (تفریح الخاطر،ص۵۸،مفہوماً ) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو سندن پيدا ٿيندي ئي روزو رکيو،سحري جي وقت کير پيئندا ۽ پوءِ غروب آفتاب جي ٽائم روزو افطار ڪندا هئا.اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو پنج (5) سالن جي عمر ۾ بسم الله پڙهائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي ته اوهان تعوّذ (اَعُوْذُبِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم) ۽ تسميہ (بسم الله) کان پوءِ 18سيپارا ياد ٻڌائي ڇڏيا ۽ فرمايائون:منهنجي ماءُ کي به ايترا ئي ياد هئا،اهي پڙهنديون هيون ته مون ٻڌي ياد ڪري ورتا. (رسالہ منّے کی لاش،ص۴) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو پاڻ 40 سال عشاء جي وضو سان فجر جي نمازادا فرمائي، سندن معمول هوته جڏهن بي وضو ٿيندا ته انهيءَ وقت وضوڪري ٻه رڪعت نماز نفل پڙهي وٺندا هئا. (بہجة الاسرار،ذکرطریقه ، ص ۱۶۴) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو پاڻ ڪثرتِ عبادت ۽ رياضت ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارا هئا (15) سالن تائين هررات هڪ قرآن پاڪ ختم ڪندا رهيا. (بہجة الاسرار، ذکرفصول من کلامه… الخ،ص۱۱۸ملخصاً) ۽ روزانو هڪ هزار(1000) رڪعت نفل ادا فرمائيندا هئا. (غوث پاک کے حالات، ص۳۲) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو پاڻ (13) علومن ۾ بيان فرمائيندا هئا،اوهان جي مدرسي عاليه ۾ ماڻهواوهان سان تفسير، حديث ۽ فقه وغيره پڙهندا هئا، ٻپهري کان پهريان ۽ بعد ٻنهي وقتن ۾ ماڻهن کي تفسير، حديث، فقه، ڪلام، اصول ۽ نحو پڙهائيندا هئا ۽ ظهر کان پوءِ تجويد ۽ قراءت سان گڏ قرآن ڪريم پڙهائيندا هئا. (بہجۃ الاسرار، ص۲۲۵ ملخصاً) اسان جي غوث پاڪ جي شان اها هئي جو سندن دست ڪرامت تي پنج