Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

وياج خور حڪيم جو عبرتناڪ موت

      مدينةُ الاولياء (ملتان شريف) ۾ هڪ حڪيم حِڪمت جو دوڪان هلائيندو هو. هڪ ڏينهن اهو حڪيم شام جو دوا خاني مان فارغ ٿي ڪري گهر ويو، ماني کاڌي، عشاء جي نماز پڙهي ۽ رات جي معمولات کان فارغ ٿي ڪري سمهي پيو. جڏهن رات جو هڪ حصو گذري ويو ته اوچتو اهو حڪيم جاڳي پيو ۽ پنهنجي پيٽ تي هٿ رکي ڪري ويهي رهيو. انهيءَ تي بيچيني جي ڪيفيت طاري هئي. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ دل ڏاريندڙ منظر ائين ظاهر ٿيو جو انهيءَ جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ سڄي گهر ۾ گندگي ۽ بدبو جي سخت آنڌي هلڻ لڳي، جيڪا وڌندي وڌندي پوري پاڙي ۾ ڦهلجي وئي. بدبو ايتري شديد هئي جو ڪيترا ئي ماڻهو بيهوش به ٿي ويا. گهروارن ميونسپل ڪارپوريشن جي ماڻهن کي راتو رات گهرايو ۽ انهيءَ بدبودار لاش کي ڪچري واري گاڏيءَ ۾ وجهرائي ڪري شهر کان ٻاهر اڇلارائي ڇڏيو. ٻي ڏينهن انهيءَ دل ڏاريندڙ واقعي جي خبر سڄي علائقي ۾ ڦهلجي وئي. هر شخص بي چين هو ته آخر هي حڪيم اهڙو ڪهڙو بُرو ڪم ڪندو هو جو ايتري قدر سخت عذاب جو شڪار ٿي مئو؟ ان جي خطرناڪ انجام جي خبر ٻڌائيندي هڪ شخص ٻڌايو ته هي حڪيم دوا خاني کان علاوه وياج جي ڏي وٺ به ڪندو هو ۽ حادثي واري ڏينهن ان هڪ مَقروض (يعني قرضدار) عورت سان وياج جي رقم گهٽ هجڻ تي بدتميزي ڪئي، جنهن تي هن بددعا ڏني ۽ ائين هي حڪيم وياج جي ڏي وٺ جي ڪري عبرتناڪ عذاب جو شڪار ٿي ويو.

 (سُود ۽ ان جو علاج ،ص۳۹-۴۰)

وہ ہے  عَیش و عِشرت کا کوئی مَحَل بھی      جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی      یہ  جینے  کا  انداز  اپنا  بدل  بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے      یہ عبرت کی جا ہے تماشہ نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّدٍ