Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

یَوْمَ لَا یَنْفَعُ مَالٌ وَّ لَا بَنُوْنَۙ(۸۸)اِلَّا مَنْ اَتَى اللّٰهَ بِقَلْبٍ سَلِیْمٍؕ(۸۹)

ترجمو ڪنزالايمان: جنهن ڏينهن نه مال ڪم ايندؤ نه پُٽَ. مگر جيڪو الله جي حضور حاضر ٿيو سلامت رهيل دل کڻي.

 

(نيڪي ڪي دعوت،ص۵۸)

عـبرت انـگيز ڪتبو(يادگار طورپٿر تي اڪريل تحرير)

 حضرت سيِّدنا ابوزَڪَرِيَّا تيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: خليفه سليمان بن عبدالملڪ مسجد حرام ۾ موجود هو ته ان وٽ هڪ پٿر آندو ويو جنهن تي ڪا تحرير نقش هئي، ان اهڙي شخص کي گهرائڻ جو حڪم ڏنو جيڪو ان کي پڙهي سگهي پوءِ مشهور تابِعي بُزُرگ حضرت وَهَب بِن مُنَبّهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تشريف کڻي آيا ۽ ان کي پڙهيائون، ان ۾ لکيل هو ته اي اِبن آدم! جيڪڏهن تون پنهنجي موت جي قريب هئڻ کي ڄاڻي وٺين ته ڊگهين ڊگهين اميدن کان پري رهي پنهنجي نيڪ عملن ۾ واڌارو ڪرين ۽ حرص، لالچ ۽ دنيا ڪمائڻ جون تدبيرون گهٽ ڪري ڇڏين. (ياد رک) جيڪڏهن تنهنجا قدم لڏي ويا ته قيامت جي ڏينهن توکي شرمندگي ڏسڻي پوندي، تنهنجا ٻار ٻچا توکان بيزار ٿي ويندا ۽ توکي تڪليف ۾ مبتلا ڇڏي ڏيندا، تنهنجا ماءُ پيءُ، رشتيدار ۽ دوست به توکان جدا ٿي ويندا، تنهنجي اولاد ۽ ويجها مائٽ تنهنجو ساٿ نه ڏيندا، پوءِ تون موٽي دنيا ۾نه اچي سگهندين نه ئي نيڪين ۾ اضافو ڪري سگهندين، پوءِ ان حسرت ۽ شرمندگي جي گهڙيءَ کان اڳ ۾ آخرت جي لاءِ عمل ڪري وٺ ـ

 (ذم الھوي،الباب الخمسون،حديث:۱۲۷۰،ص۴۳۶)

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی             جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی             یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                         یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد