Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ڀينرون شرڪت ڪري علمِ دِين حاصل ڪن ٿا، صرف پاڪستان ۾ اسلامي ڀائرن جا 529 جڏهن ته اسلامي ڀينرن جا 6501 هفتيوار اِجتماعات ٿي رهيا آهن۔ فرمانِ مصطفيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو اللہ  پاڪ جي رِضا جي لاءِ صَدقو ڪري ته اهو (صَدقو) ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي۔ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام هلندڙ مدارسُ المدينه، جامعاتُ المدينه ۽ ٻين شعبن جا جُمله اَخراجات جي لاءِ پنهنجي مدني عطيات (چندي) سان تعاوُن ڪريو ۽ ثواب ِ جاريه جا حق دار بڻجي وڃو ۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! 15 شعبان جي روزي جي هڪ خاص فضيلت آهي، اچو ٻڌو ۽ روزو رکڻ جو ذهن بڻايو،

15شَعبان جو روزو

حضرتِ سَيدُنا علي المُرتَضٰي، شيرِ خدا رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رء وْفٌ رَّحيم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عظيم آهي: جڏهن 15 شعبان المعظم جي رات اچي ته ان ۾ قيام (يعني عبادت) ڪريو ۽ ڏينهن ۾ روزو رکو. بيشڪ اللہ  پاڪ غروبِ آفتاب کان آسمانِ دنيا تي خاص تجلي فرمائيندو ۽ فرمائيندو آهي ته آهي ڪو مون کان مغفرت طلب ڪرڻ وارو ته ان کي بخشي ڇڏيان! آهي ڪو روزي طلب ڪرڻ وارو ته ان کي روزي ڏيان! آهي ڪو مصيبت زده ته ان کي عافيت عطا ڪريان! آهي ڪو اهڙو! آهي ڪو اهڙو! ۽ هي ان وقت تائين فرمائيندو آهي جيسيتائين فجر طلوع ٿي وڃي.“ (سُنَنِ اِبن ماجه ج۲، ص۱۶۰حديث ۱۳۸۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

جامعة المدينه ۾ داخلا:

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي جو شعبو جامعة المدينه للبنين (اسلامي ڀائرن جي لاءِ) جامعة المدينه للبنات (اسلامي ڀينرن جي لاءِ) علمِ دين جي شمع روشن ڪرڻ ۾ رات ڏينهن مصروفِ عمل آهي۔ جامعات المدينه ۾ شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل مدني گلن جي روشني ۾ شاگردن ۽