Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ٿو، ڊائون لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آئوٽ (Print out) به ڪري سگهجي ٿو۔ اچو! هن ڪتاب مان عبرت و نصيحت سان ڀرپور هڪ لرزه خيز حڪايت ٻڌون ۽ پنهنجي اندر فڪرِ آخرت پيدا ڪريو، جيئن ته

رقص ۽ سرور جي محفل ۽ خوفناڪ آواز

حضرت سيدنا سعيد بن هاشم سلمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بستي جي هڪ شخص پنهنجي ڌيءُ جي شادي جي موقع تي پنهنجي گهر ۾ رقص ۽ سرور جي محفل سجائي، اُن گهر جي ويجهو ئي قبرستان هو، رات جو جڏهن هي محفل پنهنجي عروج تي هئي ته اوچتو ماڻهن قبرستان مان هڪ خوفناڪ آواز ٻڌي جنهن سان انهن جون دليون ڏڪڻ لڳيون ۽ اهي ايئن خاموش ٿي ويا چڻ انهن کي نانگ سونگهي ويو هجي پوءِ قبرستان مان ڪنهن هي اشعار پڙهيا.

یَااَہْلَ لَذَّةِ لَھْوٍ  لَاتَدُوْمُ لَھُمْ

 

اِنَّ الْمَنَایَا تُبِیْدُ اللَّھْوَ وَاللَّعِبَا

کَمْ قَدْ رَاَیْنَاہٗ مَسْرُوْرًا بِلَذَّتِہٖ

 

اَمْسٰی فَرِیْدًا مِّنَ الْاَھْلِیّٖنَ مُغْتَرِبَا

 

ترجمو: اي لهو و لعب (راند روند) جي ناپائيدار لذتن ۾ مگن ماڻهو! بيشڪ موت راند روند کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، ڪيترائي اهڙا هئا جنهن کي اسان انهن لذتن ۾ مست ڏٺو پر اهي پنهنجي ساٿين کان جدا ٿي ڪري دنيا ڇڏي ويا.

خدا جو قسم! اڃان ڪجهه ڏينهن گذريا هئا ته گهوٽ جو انتقال ٿي ويو.

(موسوعة ابن ابي الدنيا، ڪتاب القبور، ج. 6، ص. 57، حديث 12)

یہی تجھ کو دُھن ہے رہوں سب سے بالا        ہو زِینت نرالی ہو فیشن نرالا

جیا کرتا ہے کیا یونہی مرنے والا         تجھے حُسنِ ظاہر نے دھوکے میں ڈالا

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے      یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن عبرت ناڪ واقعي کي ٻڌي اسان کي ڊڄڻ گھرجي ۽ شادي (نڪاح) جهڙي عظيم سنّت جي ادائيگي ۾ خلافِ شريعت