Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ويا آهن۔ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ اللہ  عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پڇيائين: تنهنجي اِنتقال کي ڪيترو عَرصو ٿيو آهي؟ اُنهن ٻڌايو: چار هزار سال۔ پر اڃا تائين موت جي سختي ۽ ڪوڙاڻ مون مان ختم ناهي ٿي۔  (الروض الفائق،۲۸۵)

کیا خوشی ہو دل کو چندِ زیست سے        غمزدہ ہے جان آخر موت ہے

مُلکِ فانی میں فنا ہر شے کو ہے        سُن لگا کر کان آخر موت ہے

بارہا عِلمی تجھے سمجھا چکے        مان یا مت مان آخر موت ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّدٍ

موت جي تڪليف

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته روح نڪرڻ جي تڪليف ۽ موت جي سختي گهڻي شديد ٿيندي آهي۔ ٿورو غور ڪريو! جيڪڏهن اسان جي هٿ ۾ ٿوري ڇُري (Knife) جي ڪنڊ ئي لڳي وڃي يا پير ۾ ڪنڊو (Thorn) لڳي وڃي ته ڪهڙي تڪليف ٿيندي آهي؟ ڪيئن دانهون ڪندا آهيون؟ اسان جي سامهون ڪنھن جي اڱر ڪٽجي وڃي ۽ رت وهڻ لڳي ته اسان جي بدن ۾ ڏڪڻي ٿي ويندي آهي ۽ اسان کان ٻين جي تڪليف ڏٺي ناهي ويندي جڏهن ته موت جي تڪليف ته ڇري سان ڪٽڻ، آرن جي چيرڻ ۽ تلوارن جي وار کان به وڌيڪ شديد تر آهي، اسان اهو ڪيئن برداشت ڪري سگھنداسين، منقول آهي: موت جي تڪليف تلوار جي وار کان وڌيڪ دشوار آهي، ان جو درد قينچين سان ڪٽجڻ ۽ آرن جي چيرجڻ کان به وڌيڪ سخت آهي، ان ڪري جو تلوار سان ڪٽجڻ جي تڪليف بدن ۾ صرف ان وقت تائين رهندي آهي جيستائين ان ۾ قوت (يعني حيات) باقي رهندي آهي۔ ان ڪري زخمي دانهون ۽ فرياد ڪندو آهي جڏهن ته موت جو معاملو ته ان جي برعڪس آهي، ڇوته مُردي جي دل تي طاري ٿيڻ واري بي چيني ۽ بيقراري جي شدّت ان جي آواز کي ختم ڪندو آهي ۽ قوت کي ڪمزور ڪندو آهي۔ موت جسم جي هر عضوي کي هن طرح بيڪار ۽ بي زور ڪندو آهي جو ان کان قوتِ فرياد به کسي وٺندو آهي۔ عقل کي مدهوش ۽ زبان کي خاموش ڪندو آهي۔ (الروض الفائق،۲۸۱)