Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ڪري رهيا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هنن مَدارس المدينه ۾ پڙھڻ وارن کي سُنَّتن جو پيڪر بڻائڻ جي لاءِ انهن جي مدني تربيت به ڪئي ويندي آهي۔صرف پاڪستان ۾ قائم مدارسُ المدينه جي تعميرات جي علاوه سالانه اَخراجات ڪروڙين ۾ آهن۔ مدارسُ المدينه ۽ ان ۾ زيرِ تعليم مدني منّا ۽ مدني منّين جو تعداد ملاحظه ڪريو:

تعداد مدارس المدينه(ملڪ و بيرون ِملڪ)     2761 (ٻه هزار ست سو ايڪهٺ)

تعداد تقريباًمدني مُنّا ۽ مدني منّيون (ملڪ و بيرون ِملڪ)        تقريباً128413 (هڪ لک اٺاويھ هزار چار سو تيرهن)

استادن وغيره ڪل مدني عملو(اسٽاف)          تقريباً7198 (ست هزار هڪ سو اٺانوي)

حفظ القرآن مڪمل ڪرڻ وارن مدني منّن ۽ مدني منّين جو اٽڪل تعداد تقريباً74329 (چوهتّر هزار ٽي سو اُوڻٽيھ)

ناظره قرآن جي تڪميل ڪرڻ واران مدني منّن ۽ مدني منّين جو تقريباً تعداد       تقريباً215822 (ٻه لک پندرهن هزار اٺ سو ٻاويھ)

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: بيشڪ مسلمان جو صَدقو عمر وڌائي ٿو ۽ بُري موت کي روڪي ٿو ۽ اللہ  عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان صَدقو ڏيڻ وارن کان وڏائي ۽ فخر ڪرڻ جي بُري عادت پري ڪندو آهي۔ (معجم ڪبير ،۱۷/۲۲، حديث:۳۱)

خُدّامُ المَساجد﴿مسجدون بڻائڻ وارو شعبو﴾

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي،مسجد ڀريو تحريڪ سان گڏوگڏ "مسجد ٺاهيو تحريڪ" به آهي۔ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هن وقت ڪم و بيش 589 مسجدون زيرِ تعمير آهن۔ سوي مسجدون، مدني مراڪز(فيضانِ مدينه) بڻجي چڪا آهن۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: بيشڪ صَدقي ڪرڻ وارن کي صَدقو قبر جي گرمي سان بچائي ٿو ۽ بلاشبه مسلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدقي جي ڇانو ۾ هوندو۔ (شُعَبُ الايمان، باب الزڪاة، التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۲، حديث:۳۳۴۷)

فيضانِ مدينه

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مسجدن جي تعميرات سان گڏوگڏ مدني مرڪز "فيضانِ مدينه" بڻايا