Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

گھرن ۾ هڪ ٻي جا پاڙيسري ۽ دشمن جي مقابلي ۾ هڪ ٻي جا معاون ۽ مددگار آهيو، پوءِ ڪهڙو سبب آهي ته توهان مون سان محبت نٿا ڪريو؟ منهنجي محنت ۽ مشقت توهان جي علاوه ٻين تي صرف ٿي رهي آهي، مان توهان جي عالمن کي دنيا مان رخصت ٿيندي ڏسي رهيو آهيان ۽ اهو به ڏسي رهيو آهيان ته توهان جا بي علم، علم حاصل نٿا ڪن۔ توهان رزق جي تلاش ۾ پنهنجي آخرت وساري ويٺا آهيو۔ ٻُڌو! هڪ قوم مضبوط محل تعمير ڪيا، گھڻو مال گڏ ڪيو ۽ وڏيون وڏيون اُميدون رکيون پر اهي ئي محل انهن جي قبرن ۾ تبديل ٿي ويا، انهن جي اُميدن انهن کي ڌوڪي ۾ وڌو ۽ انهن جو مال ضائع ٿي ويو، خبردار! علم حاصل ڪريو ڇوته علم سکڻ ۽ سيکارڻ وارو اجر ۾ برابر آهن ۽ انهن ٻنهي جي علاوه ڪنهن شخص ۾ ڀلائي ناهي۔ (حلية الاولياء، ابو الدرداء ،۱/۲۷۳،حديث:۶۹۵ بتغير قليل)

اجل  نے  نہ  کسریٰ  ہی چھوڑا نہ دارا        اسی  سے  سکندر  سا فاتح بھی ہارا

ہر اِک لے کے کیا کیا نہ حسرت سدھارا           پڑا  رہ  گیا سب  یونہی  ٹھاٹھ سارا

جگہ   جی  لگانے  کی  دنیا  نہیں  ہے            یہ عبرت کی جا ہے تماشا  نہیں  ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

(2) تنهنجي جواني ڪٿي ڌوڪي ۾ نه وجھي

          مشهور وَلي اللہ  حضرت سيدُنا منصور بن عمّاررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ نوجوان تي انفرادي ڪوشش ڪري ان کي نيڪي جي دعوت ڏيندي فرمايائون؛ اي نوجوان! تو کي تنهنجي جواني دوکي ۾ نه وجھي، ڪئي نوجوانن توبه ۾ دير ڪري ڇڏي، ڊگھي اميد رکي، موت کي ياد نه ڪيو، ۽ چيائون؛ مان سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن توبه ڪندس، اهي توبه کان غافل رهيا، آخر قبر جي پيٽ ۾ هليا ويا. انهن کي مال، غلام، ماءُ پيءُ ۽ اولاد ڪجھ نفعو نه ڏنو جيئن قرآن ڪريم ۾ سيپاري 19 سورةُ الشُعراءِ جي آيت نمبر 88 کان 89 ۾ ارشاد آهي؛