Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
مون کان روزانه هڪ گناهه به ٿيو هجي ته هن وقت تائين ايڪيهه هزار ڇهه سؤ گناهه ٿي چڪا، جڏهن ته انهي مدت ۾ اهڙا ڏينهن به شامل هوندا جن ۾ روزانو هڪ هزار تائين به گناهه ٿيا هوندا۔“ اهو چوڻ جي دير هئي خوف خدا مان ڏڪڻ لڳا! پوءِ اوچتو هڪ رڙ ان جي منهن کان نڪتي فضا ۾ گم ٿي وئي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زمين تي تشريف کڻي آيا، ڏٺو ويو ته سندن روح پرواز ٿي چڪو هو۔
(ڪيميائےسعادت،رڪنِ چهارم،منجيات،مقامِ سيم، ۲/۸۹۱ )
چند روزہ ہے یہ دُنیا کی بَہار دِل لَگا اِس سے نہ غافِل ذِی نَہار
عُمْر اپنی یُوں نہ غفلت میں گُزار ہوشِیَار اے مَحْوِ غفلت ہوشِیَار
ایک دِن مَرْنا ہے آخِر مَوْت ہے کر لے جو کرنا ہے آخِر مَوْت ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان اسان جا بُزرگ سڳورا خوفِ خُدا کان ڪهڙي طرح ڏڪندا هئا۔ اهي حضرات تمام گھڻي عبادت ۽ رياضت ۽ گُناهن کان پري رهڻ جي باوجود به پنهنجو پاڻ کي گُناهگار تصور ڪندا هئا، حالانڪه اللہ ڪريم جي بارگاھ ۾ انهن جو مقام ۽ مرتبو نهايت اعليٰ ۽ ارفع هوندو آهي۔ ياد رهي!خوفِ خدا ۽ فڪرِ آخرت جي اها مدني سوچ صرف انهن تائين محدود نه هوندي هئي بلڪ اصلاحِ اُمّت جا اهي علمبردار معاشري جي اصلاح جي حوالي سان به گھڻي ڪوشش ڪندا هئا. اچو! نيڪي جي دعوت سان مالامال 3 نصيحت آموز حڪايتون ٻڌون ٿا، جيئن ته
حضرت سيدُنا اَبُو دَرْدَاء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه جڏهن ملڪ شام جي شهر دِمَشق پهتا ته پاڻ ڏٺائون ته اتي جا ماڻهو نازو نعم(عيش ۽ عشرت) جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ آسائش ۽ آرام جا شوقين آهن۔ پاڻ انهن جي اندازِ زندگي کي ڏٺائون ته اهي دنيا جي محبت ۾ گرفتار آهن، گھڻو پريشان ٿيا۔ هڪ ڀيري پاڻ ائين ئي هڪ اجتماع ۾ فرمايائون: اي اهلِ دِمَشق! توهان سڀ دِين ۾ اسلامي ڀائر،