Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

قبرستان جي حاضري جا مدني گل

اچو! شيخ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَوْلانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي 163مدني گل سان قبرستان جي حاضري جي متعلق مدني گل ٻڌون ٿا: ٭ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: مون توهان کي قبرن جي زيارت کان منع ڪيو هو، پر هاڻي توهان قبرن جي زيارت ڪيو، ڇوته هي دنيا مان بي رغبتي جو سبب ۽ آخرت جي ياد ڏياريندي آهي. (ابن ماجه ج 2 ص 252 حديث 1571) ٭ قبورِمسلمين جي زيارت سنّت ۽ مزاراتِ اولياء ِڪرام و شُهداءِ عظام جي حاضري سعادت بلڪ وڏي سعادت ۽ ايصالِ ثواب مَندُوب (يعني پسنديده) آهي. (فتاوٰي رضويه مخرّجه،۹/۲ ۳ ۵)٭  (وليُّ اللہ  جي مزار شريف يا) ڪنهن به مسلمان جي قبر جي زيارت ڪرڻ لاءِ وڃڻ چاهيو ته مستحب هي آهي ته پهرين پنهنجي گھر (غير مڪروهه وقت) ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهي، هر رڪعت ۾ سورةُ الفَاتِحه کان پوءِ هڪ ڀيرو آيةُ الکُرسِي ۽ ٽي ڀيرا سورةُ الاِخلاص پڙهي ان نماز جو ثواب صاحبِ قبر کي پهچائي، اللہ  تعالي ان فوت ٿيل شخص جي قبر ۾ نور پيدا ڪندو ۽ ان (ثواب پهچائڻ واري) شخص کي تمام گھڻو ثواب عطا فرمائيندو. (عالمگيري ج 5 ص 350) ٭ مزار شريف يا قبر جي زيارت لاءِ ويندي واٽ تي فضول ڳالهين ۾ مشغول نه ٿيو. (ايضاً) قَبر کي نه چميو نه ئي قَبر کي هٿ لڳايو، (فتاوٰي رضويه مخرّجه،۹/۵۲۲، ۵۲۶) بلڪ قَبر کان ڪجھ فاصلي تي بيهي رهو ٭ قَبر کي تعظيمي سجدو ڪرڻ حرام آهي ۽ جيڪڏهن عبادت جي نيت هجي ته ڪفر آهي. (ماخوذ از فتاوٰي رضويه،۲ ۲ /۴۲۳) ٭ قبرستان ۾ ان عام رستي کان وڃو جتي ماضي ۾ به ڪڏهن ڪنهن مسلمان جون قبرون نه هيون، ردالمحتار۾ آهي: (قبرستان ۾ قبرون ختم ڪري) جيڪو نئون رستو ٺاهيو ويو ان تي هلڻ به حرام آهي. (ردالمحتار ج 3 ص 612) بلڪ نئي رستي جو گمان هجي تڏهن به ان تي هلڻ ناجائز ۽ گناهه آهي. (درمختار ج 3 ص 183) ٭ ڪئين اوليائن جي مزارن تي ڏٺو ويو آهي ته زائرين جي سهولت خاطر مسلمانن جون قبرون ڊاهي ڪري فرش ٺاهيو ويندو