Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

1        رَسُولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وياج کائڻ وارن، کارائڻ وارن ان جي تحرير لکڻ وارن ۽ ان جي گواهن تي لعنت ڪئي۔ (ابن ماجه،ڪتاب التجارات،باب التغليظ في الربا، ۳/۷۳،حديث:۲۲۷۷)

2        ارشادفرمايائون: شبِ معراج ۾ اهڙي قوم وٽان گذريس جن جا پيٽ ڪمرن جيان (وڏا وڏا) هئا، جنهن ۾ نانگ پيٽن کان ٻاهر نظر اچي رهيا هئا۔ مون جبرائيل کان پڇيو: ”هي ڪير ماڻهو آهن؟انهن عرض ڪيو: ”اهي وياج خور آهن۔(ابن ماجه،ڪتاب التجارات،باب التغليظ في الربا، ۳/۷۱،حديث:۲۲۷۳)

سُود و رِشوت میں نحوست ہے بڑی                                اور دوزخ میں سزا ہوگی کڑی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّدٍ

زندگي مختصر آهي

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً زندگي بيحد مختصر آهي، هن جو ڪو ڀروسو نه آهي، روزانو ٿيندڙ اهي عبرت ناڪ واقعا اسان کي جھنجھوڙي موت کان پهريان زندگي کي غنيمت سمجھڻ جي صَدا ڏين ٿا، پر ان تي اهو ئي ڪن ڏئي ٿو جنهن کي آخِرت جي بهتري جو فِڪر هوندو آهي۔ موت سان همڪنار ٿيڻ وارن ۾ جَوان، پُوڙها ۽ ٻار به هوندا آهن، موت نه ته ڪنهن گھٽ عُمر کي ڏسي ٿو نه ڪنهن جي دنيوي مقام ۽ مرتَبي جو لحاظ رکي ٿو، ڪو نادار هجي يا مالدار موت ڪنهن جي پرواهه ناهي ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن جي مَشغُوليت يا فُرصَت کي خاطِر ۾ آڻي ٿو، ڪيترن جا ڊاڪٽر ٿيڻ جا ارمان اڌورا رهجي ويا، ڪيترن جي بزنس ۾ ترقي جا خواب پورا نه ٿي سگھيا، ڪيترا ئي دنياوي امتحانن ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪرڻ وارا قبر جي امتحان جي تياري ڪرڻ بغير ئي رخصت ٿي ويندا آهن۔ ياد رکو! هڪ ڏينهن اسان جي زندگي به ختم ٿي ويندي ۽ تمام آرزوئون خاڪ ۾ ملي وينديون، چڱي کان چڱي گاڏي گھر ۾ بيٺل رهجي ويندي، اعليٰ کان اعليٰ ڊِگريون به هتي ئي رهجي وينديون. هاءِ! انسان دنيا جي جنهن گھر کي نهايت مضبوط ۽ مُستحڪم ٺاهي ٿو ۽ عمده کان عمده انداز ۾ سجائي ٿو، اهو ان