Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

یہاں معمولی گرمی بھی سہی جا تی نہیں مجھ سے               تو گرمی حشر کی کیسے سہوں گا  یارسولَ اللہ

سر محشر بلا کی دھوپ ہے آقا کرم کر دو         میں کیا محروم کوثر سے رہوں گا  یارسولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!          صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته زندگي جو ڪو ڀروسو ناهي ۽ هر انسان کي هڪ ڏينهن موت اچڻو آهي،انسان جڏهن دنيا ۾ ايندو آهي ته هڪ ترتيب سان اچي ٿو پر دنيا کان وڃڻ جي ڪا ترتيب ناهي هوندي، مثال طور ڪڏهن ڪڏهن پوٽا ۽ ڏوهٽا دنيا مان رخصت ٿي ويندا آهن پر انهن جا ڏاڏا ۽ نانا زنده هوندا آهن۔ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي باري ۾ اهو يقين ٿي ويندو آهي ته بس هاڻي اهو ڪجھ ڏينهن، ڪلاڪن يا منٽن جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ عنقريب ان جو نالو به مُردن جي فهرست ۾ لکيو ويندو پر ان شخص کي ٻيهر هڪ نئين زندگي ملي ويندي آهي ۽ هو مزيد ڪجھ عرصو جيئڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، جڏهن ته جنهن جي باري ۾ گمان تائين ناهي ٿيندو ته اهو ايترو جلدي مري ويندو پر هاءِ! اهو ئي شخص اوچتو ڪنهن بيماري يا حادثي جو شڪار ٿي ڏسندي ئي ڏسندي موت جي وادي ۾ هليو ويندو آهي۔ اچو! هاڻي دل جهلي اهڙي ئي هڪ نوجوان جي عبرت ناڪ موت جو واقعو ٻڌو ۽ پنهنجي اندر فڪرِ آخرت پيدا ڪريو،

هاءِ! مستقبل جو ڊاڪٽر!

سردارآباد (فيصل آباد) جي ميڊيڪل ڪاليج جي فائنل ائير(Final Year)  جو هڪ تمام ذهين شاگرد پنهنجي دوستن سان گڏ پڪنڪ لاءِ نڪتو. پڪنڪ پوائنٽ تي پهچي ان جو دوست نديءَ ۾ ترڻ لاءِ لٿو پر ٻُڏڻ لڳو، مستقبل جي ڊاڪٽر ان کي بچائڻ جي ارادي سان جذبات ۾ اچي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو، هو تارو ته هيو ئي نه تنهنڪري پاڻ به ڦاسي پيو. قسمت جي ڳالهه جو ان جو دوست ته جيئن تيئن ڪري نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر آهه! مستقبل جو ڊاڪٽر ويچارو ٻُڏي موت جي منهن ۾ هليو ويو. روڄ راڙو پئجي ويو، پيءُ ماءُ جي پوڙائپ جو