Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

سان بچي نٿو سگھي، توهان جتي به رهو پنهنجي وَقت تي موت توهان کي ضَرور پهچندو جيتوڻيڪ توهان مَضبُوط قَلعن يا آسمان جي بُرجن ۾ پهچي وڃو، زِندگي جي لاءِ ڪيترائي حِفَاظَت جا سامان ڪريو پر مرندؤ ضَرور۔

(تفسيرِ نعيمي،پاره ۵،النسآءتحت الاية:۷۸،۵/۲۴۲)

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے        کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

یاد رکھ ہر آن آخر موت ہے        بن تُو مت انجان آخر موت ہے

مرتے جاتے ہیں ہزاروں آدمی       عاقل و نادان آخر موت ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

موت جي جڳهه مقرر آهي

حضرت سيدنا شهر بن حوشب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿاهڪ ڀيري حضرت سيدنا ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم حضرت سيدنا سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم وٽ آيا  ۽ اوهان جي ويجهو ويهي هڪ شخص کي مسلسل ڏسندا رهيا پوءِ ٻاهر هليا ويا، ان شخص حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان پڇيو: هي ڪير هئا؟ اوهان فرمايائون: هي ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هئا. ان چيو: مان ان جي طرف ڏٺو ته اهو مون کي ايئن ڏسي رهيا هئا ڄڻ مون کي وٺڻ آيو هجي. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جن فرمايائون: هاڻي توهان ڇا ٿا چاهيو؟ ان چيو: مان چاهيان ٿو ته اوهان ان کان مون بچايو ۽ هوا کي حڪم ڏيو ته اها مون کي هند جي ڪنهن پري علاقي ۾ پهچائي ڇڏيو. حڪم ٻڌندي ئي هوا ان کي هند پهچائي ڇڏيو، حضرت سيدنا ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جڏهن ٻيهر آيا ته سيدنا سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پڇيو: توهان منهنجي ويجهو ويٺل شخص کي مسلسل ڇو ڏسي رهيا هيؤ؟ انهن عرض ڪيو: مون کي ان تي حيرانگي ٿي رهي هئي  ته مون حڪم هي مليو هو ته ڪجهه دير بعد ان جي روح هند ۾ قبض ڪريان حالانڪه اهو اوهان وٽ ويٺو هو. (حلية الاولياء، ج. 4، ص. 155)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته موت جو ڏينهن مُقرَّر آهي هر هڪ کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي، اسان چاهي ڪيتري ئي مَضبُوط گھر ۾ پاڻ