Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
عَلَيۡهِ السّلام آيو ۽ چيائين: هي شعبان جي پندرهين رات آهي هن ۾ اللہ تعاليٰ جهنّم کان ايترن ماڻهن کي کي آزاد فرمائيندو آهي جيترا بني ڪلب جي ٻڪرين جا وار آهن، ۽ اللہ پاڪ هن رات ۾ بغض رکڻ واري ۽ رشتو ٽورڻ واري ۽ تڪبر جي سبب پنهنجي گوڏ کي لٽڪائڻ واري ۽ پيءُ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ واري ۽ شراب جي عادي ڏانهن رحمت ڀري نظر ناهي فرمائيندو." (الترغيب والتر ھيب،ڪتاب الصوم،الترغيب في صوم شعبان… الخ ،۲/ ۳۵ ، حديث:۱۵۵۳)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خوف ڪريو! ۽ جلد گھبرائجي گناهن کان توبه ڪريو نه ته ياد رکو! گناهن جو انجام هلاڪت ۽ رسوائي جي سِوا ڪجھ ناهي، هن کان پهريان جو اسان پنهنجي عزيزن مائٽن کي روئيندو ڇڏي ۽ دنيا جي رونقن کان پاسو ڪري قبر جي هولناڪ ۽ اونداهي کڏ ۾ هزارين مُردن جي وچ ۾ اڪيلا سمهي پئون انهن گناهن کان بچڻ جي ڪا تدبير ڪريون، هنن گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو هڪ بهترين حل اهڙن ماڻهن جي صحبت حاصل ڪرڻ به آهي جن جي زندگي جي هر گھڙي خوف ِخدا ۽ عبادت و رِياضت ۾ گذرندي هجي ،جن کي ڏسي اسان کي اللہ ڪريم جي ياد اچي وڃي، جن جون ڳالهيون اسان جي دل ۾ فڪرِ آخرت جو جذبو بيدار ڪن، جن جو عمل اسان جي نيڪ عملن ۾ اضافي جو سبب بڻجي۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول ۾ اهي خوبيون نظر اينديون آهن، تنهنڪري اسان به انهن جي صحبت اختيار ڪريون، انهن سان دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪرن ۾ شرڪت جو معمول بڻايون ۽ سُنّتن جي تربيت جي مدني قافلن جا مسافر بڻجندا رهون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن جي برڪت سان پابندِ سنت بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪر ڪرڻ جو ذهن بڻجندو ۽ موت جي وقت ڪلمو شريف به نصيب ٿيندو۔ اچو! هن باري ۾ هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ پنهنجو ايمان تازو ڪريو، جيئن ته