Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
کان مروي آهي ته حضرت سَيدُنا هقل بن زِياد اوزاعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه واعظ دوران ارشاد فرمايائون: اي انسانو! توهان اللہ پاڪ جي انهن نعمتن جو گھڻو شڪر ادا ڪريو، جن جي ڪري توهان اللہ پاڪ جي ڀڙڪايل باھ کان پري ڪيا ويا آهيو جيڪا دلين تائين چڙھي ويندي آهي۔ توهان اهڙي گھر ۾ آهيو جنهن ۾ ڪجھ ئي دير ترسڻو آهي ۽ توهان نهايت ئي قليل عرصي جي لاءِ انهن ماڻهن جا نائب (Deputy) بڻجي آيا آهيو، جن جون عمرون توهان کان وڌيڪ هيون، انهن جا جسم توهان کان وڌيڪ ڊگھا هئا، انهن جبلن کي چيري وڌو ۽ چٽانن کي ڏاري وڌو۔ اهي اهڙا جنگجو ۽ بهادر (Brave) هئا جو شهرن ۾ پهچي شديد حملو ڪندا هئا، انهن جا جسم ٿنڀن وانگر هئا۔ انهن هن فاني دنيا ۾ تمام گھٽ وقت گذاريو۔ زماني انهن جون ڊگھيون عمرون گھٽائي ڇڏيون، انهن جا نشان ختم ڪري ڇڏيا، انهن جي گھرن کي ويران ڪري ڇڏيو۔ انهن جي ذڪر کي وساري ڇڏيو، انهن مان ڪو به باقي نه رهيو۔ جيڪي ماڻهو وڏي گرجدار آواز ۾ ڳالهائيندا هئا، مرڻ کان پوءِ ڪڏهن انهن جو هلڪو آواز به ٻڌڻ ۾ نه آيو۔ اهي فضول اميدن ۾ پئجي عيش ۽ عشرت سان زندگي گذاري رهيا هئا۔ انهن ماڻهن جي انجام مان عبرت حاصل نه ڪئي ۽ غفلت جي وادين ۾ ڀٽڪندا رهيا، اوچتو رات جي وقت انهن تي اللہ پاڪ جو عذاب نازل ٿيو ته انهن مان اڪثر پنهنجن گھرن ۾ ستل ئي رهجي ويا (يعني موت جي وادي ۾ هليا ويا) جيڪي باقي رهجي ويا، اهي عذاب جي آثار ۽ نشانن، زوالِ نعمت ۽ تباھ وبرباد گھرن کي ڏسڻ لڳا، هنن ڳالهين ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ عبرت ۽ نشانيون آهن جيڪي دَرد ناڪ عذاب کان ڊڄن ٿا۔ ان کان بعد توهان جون عمرون گھٽ ٿي ويون۔ دنيا فنا ڏانهن وڏي تيزي سان وڌي رهي آهي۔ هاڻي هر پاسي بُرائين جو دور آهي۔ عفو ۽ درگذر کي ڇڏي ڏنو، خير خواهي ۽ نرمي موڪلائي وئي۔ هاڻي عبرتناڪ هولناڪيون، مختلف قسم جون سزائون، فتنو ۽ فساد، لغزشن جي ڪثرت ۽ اڳوڻن ماڻهن جون بُريون ڳالهيون باقي رهجي ويون، جن جي ڪري خشڪي ۽ سمنڊ ۾ فساد برپا ٿي ويو۔ اي انسانو! توهان