Book Name:Iman Ki Hifazt

نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: يُبْعَثُ کلُّ عَبْدٍ عَلَي مَا مَاتَ عَلَيه يعني هر شخص ان حالت تي اُٿاريو ويندو جنهن تي مرندو۔ (مسلم،ڪتاب الجنۃ وصفۃ نعيمھا …الخ،باب الامربحسن الظن…الخ، ص۱۱۷۸، حديث:۲۸۷۸) حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: يعني اِعتبار خاتمي جو آهي، جيڪڏهن ڪو ڪفر تي مري ته ڪفر تي ئي اٿندو توڙي جو زندگي ۾ مومن رهيو هجي، ۽ جيڪڏهن ايمان تي مري ويو ته ايمان تي اُٿندو توڙي جو زندگي ۾ ڪافر رهيو هجي۔ (مرآۃ المناجيح،۷/۱۵۳) علامه عبدالرءُوف مناوي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا:حضرت سيدنا امام جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن حديث مان اهو نڪتو ڪڍيو آهي ته بانسري وڄائڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي بانسري سان گڏ ايندو، شرابي پنهنجي جام سان گڏ، جڏهن ته مؤذن اذان ڏيندي ايندو۔ (التيسير،حرف الياء،۲/۵۰۷)

تلیں میرے اعمال میزاں پہ جس دم   پڑے اک بھی نیکی نہ کم یاالٰہی

بروزِ قیامت ہو ایسی عنایت    رہوں پُل پہ ثابت قدم یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديث سڳورين مان معلوم ٿيو ته ايمان جي حفاظت ڪرڻ جي معاملي ۾ سُستي نه ڪرڻ گھرجي ۽ هن خوش فهمي ۾ نه رهڻ گھرجي ته اسان ته پيدا ئي مسلمان ٿيا آهيون، اسان جا ماءُ پيءُ، ڏاڏا ڏاڏي، خاندان جا سڀئي ماڻهو مسلمان هئا اسان به مسلمان آهيون ۽ مسلمان ئي مرنداسين۔ ٿي سگھي ٿو ته سڄي زندگي اسان ايمان تي قائم رهون، سڄي زندگي خوب نيڪيون به ڪندا رهون پر مرڻ کان پهريان خدانخواسته زبان مان ڪو ڪفر نڪري وڃي ۽ ايمان تي خاتمو نصيب نه ٿئي۔ اسان کي هر وَقت پنهنجي ايمان جي سلامتي جي لاءِ دُعائون ڪرڻ گھرجن ۽ مرڻ مهل ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪرمند رهڻ گھرجي۔ علماءِ ڪرام فرمائن ٿا، جنهن کي زندگيءَ ۾ ايمان کسجڻ جو خوف نه هجي سڪرات جي وقت ان جو ايمان