Book Name:Iman Ki Hifazt
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اَللّٰهُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّارo
اي اللہ مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما
يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُo
اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا
بِرَحۡمَتِكَ يآ اَرۡحَمَ الرّٰحِمِيۡنَo
پنهنجي رحمت جي سبب اسان تي رحم فرما، اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته موت جو مرحلو ڪيتري قدر دشوار هوندو آهي ته جڏهن ساھ ڦاسي رهيو هوندا آهي، هوش ۽ حواس جواب ڏئي رهيا هوندا آهن، اُڃ جي شدت پنهنجي انتها تي هوندي آهي اهڙي ڏکئي حالت ۾ شيطان ملعون پنهنجي اولاد سان گڏجي پنهنجي اصل شڪل ۾ نه بلڪ عزيزن ۽ دوست ۽ احبابن جي شڪل ۾ اچي پنهنجو نحوستون لٽائيندو، ايمان وارن جي ايمان کان نهايت بُري انداز ۾ کيڏندو آهي ۽ ايمان جي دولت کي ضائع ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا آزمائيندو آهي۔ اسان جا بُزرگ سڳورا موت جي وقت ايمان سلامت رهڻ جي باري ۾ گھڻو غمگين (Sad) رهندا هئا، جيئن ته
حضرتِ سيدُنا منصوربن عماررَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن انسان جي موت جو وقت ويجھو ايندو آهي ته مرڻ واري جي حالت 5 نموني جي هوندي آهي: (۱) مال وارث جي لاءِ (۲) روح ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام جي لاءِ (۳) گوشت ڪيڙن جي لاءِ (۴) هڏيون مٽي جي لاءِ ۽ (۵) نيڪيون خُصُوم يعني قيامت جي ڏينهن پنهنجي حق جو مطالبو ڪرڻ وارن جي لاءِ هونديون آهن۔ مزيد فرمائن ٿا: وارث مال کڻي وڃن ته برداشت ڪري سگهيجي ٿو، اهڙي طرح ملڪ الموت