Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
دوست واپس هليا ويندا، جسم جيتوڻيڪ بي جان هوندو پر عقل سلامت هوندو، ماڻهن کي ويندي ڏسي رهيا هونداسين، انهن جي قدمن جو آواز ٻڌي رهيا هونداسين، مٽي جي مڻن هيٺان دٻيل پيا هونداسين. هاءِ! ان وقت تنگ ۽ تاريڪ قبر ۾ صدما ئي صدما هوندا۔
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه عِبرت جا وڌيڪ مَدَني گل ڏيندي فرمائن ٿا: ياد رکو! دنيا جي هراها شيء جنهن سان زندگيءَ ۾ انسان کي محبت هوندي آهي مرڻ کان پوءِ ان جي ياد تڙپائيندي آهي ۽ اهو صدمو مڙدي جي لاءِ ناقابل برداشت هوندو آهي۔ ان ڳالھ کي هيئن سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ته جڏهن ڪنهن جو گلن جهڙو اڪيلو پٽ گم ٿي وڃي ته اهو ڪيترو پريشان ٿيندو آهي، جيڪڏهن ان سان گڏ سندس ڪاروبار وغيره به تباھ ٿي وڃي ته ان جي صدمي جو ڇا عالم هوندو؟ ۽ گڏوگڏ جيڪڏهن هو آفيسر هجي ۽ وڏي مصيبت اها ٿئي جو ان جو اهو عهدو به ختم ٿي وڃي ته ان تي جيڪي صدمن جا جبل ڪرندا ان کي اهوئي سمجھندو، تنهنڪري مردي کي والدين، گهر واري، ٻارن ٻچن، ڀائرن ڀينرن ۽ دوستن جي وڇوڙي، گڏوگڏ گاڏي، لباس، گھر، دڪان، فيڪٽري، عمدا پلنگ، فرنيچر، راند روند جي سامان، کاڌي پيتي جي شين جي ذخيري، محنت جي ڪمائي، عهدو وغيره هر هر شيء جنهن سان صرف دنيا جي لاءِ محبت هئي ان جي جدائي جو صدمو ٿيندو آهي ۽ جيڪو جيترو گھڻو نفس جي لذت لاءِ راحتن ۾ زندگي گذاريندو آهي، مرڻ کان پوءِ انهن آسائشن جو کيس صدمو به اوترو ئي گهڻو ٿيندو، جنهن وٽ مال ۽ دولت گھٽ هوندي ان کي ان جي ڇڏڻ جو غم به ٿورو ٿيندو ۽ جنهن وٽ گھڻي هوندي ته ان کي ڇڏڻ جو غم به گهڻو ٿيندو۔ ياد رهي اهو گھٽ يا وڌيڪ غم انهيءَ صورت ۾ ٿيندو جڏهن ته ان هن مال و دولت سان دنياوي محبت ڪئي هوندي۔ (مردے کے صدمے، صفحہ:5-6)