Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
اي عاشقانِ رسول! هڪ پاسي اهي دل ڏاريندڙ صدما آهن ۽ ٻئي پاسي قبر ۾ پهچندي ئي انڌيرو ۽ تنهائي بي چين ڪري ڇڏيندي، تمام گھڻو ڊپ ٿيندو۔
حضرت عبدالله بن عُبَيد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، نبي اڪرم، نورِ مجسم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو؛ جڏهن مڙدي سان گڏ اچڻ وارا واپس ٿيندا آهن ته مڙدو ويهي انهن جي قدمن جو آواز ٻڌندو آهي ۽ قبر کان پهريان ڪو ان سان ناهي ڳالهائيندو، قبر چوندي آهي؛ اي انسان! ڇا تو منهنجا حالات نه ٻڌا هئا؟ ڇا منهنجي تنگي، بدبوءِ، دهشت ۽ ڪيڙن کان توکي نه ڊيڄاريو ويو هو؟ جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ تو ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ (شرحُ الصُّدور، صفحہ:86)
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٿورو تصور ته ڪيون ته جڏهن اسان قبر ۾ اڪيلا رهجي ويا هونداسين، گهٻراهٽ طاري هوندي، نه ڪٿي وڃي سگهنداسين نه ڪنهن کي سڏي سگهنداسين ۽ ڀڄي نڪرڻ جي به ڪا واٽ نه هوندي، ان وقت قبر جي هانءُ ڏاريندڙ پڪار ٻڌي ڇا گذرندو؟
قبر ۾ نمازين ۽ سنّتن تي عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ راحتون ۽ بي نمازين ۽ غير شرعي فيشن ڪرڻ وارن جي لاءِ آفتون ئي آفتون هونديون،
امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت عُبَيد بن عمير رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: قبر مڙدي کي چوندي آهي ته جيڪڏهن تون پنهنجي زندگيءَ ۾ الله پاڪ جو فرمانبردار هئين ته اڄ مان توتي رحمت ڪنديس ۽ جيڪڏهن نافرمان هئين ته مان تنهنجي لاءِ عذاب آهيان، مان اهو گهر آهيان جيڪو مون ۾ نيڪ ۽ اطاعت گذار ٿي ڪري داخل ٿيو اهو مون مان خوش ٿي نڪرندو ۽ جيڪو نافرمان ۽ گنهگار هوندو، اهو مون مان تباھ حال ٿي ڪري نڪرندو۔ (شرحُ الصُّدور، صفحہ:86)
حضرت عطاء بِن يسار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان رِوَايت آهي: جڏهن مڙدي کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته سڀ کان پهريان ان جو عمل اچي ان جي کاٻي ران کي