Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

دِل بھی پیاسا، نظر بھی ہے پیاسی       کیا ہے ایسی بھی جانے کی جلدی

ٹھہرو ٹھہرو! ذرا جانِ عالم!          ہم نے جی بھر کے دیکھا نہیں ہے

    جڏهن اهو آخري سوال جو جواب ڏئي ڇڏيندو پوءِ جهنم جي دَري کُلندي ۽ يڪدم بند ٿي ويندي پوءِ جنّت جي دري کُلندي ۽ چيو ويندو؛ جيڪڏهن تون صحيح جواب نه ڏين ها ته تنهنجي لاءِ اها دوزخ جي دري هئي۔  اهو ٻڌي ڪري ان کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿيندي، پوءِ هاڻي جنّتي ڪفن هوندو، قبر تمام گهڻي ڪشادي ڪئي ويندي ۽ مزا ئي مزا هوندا۔

قبر میں لہرائیں گے تا حشر چشمے نُور کے

جَلْوہ       فرما     ہو       گی        جب        طلعت        رسول          اللہ         کی

   (حدائق بخشش،  صفحہ:152)

            اي عاشقانِ رسول! هي انهن نيڪ ۽ ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ وارن جو حال هوندو۔ جيڪڏهن خدانخواسته اسان نمازون ضايع ڪندا رهياسين، ڪوڙ ڳالهائيندا رهياسين، غيبت ڪندا رهياسين، حرام روزي ڪمائيندا رهياسين، فلمون ڊِراما ڏسندا ڏيکاريندا رهياسين ۽ ڳائڻ وڄائڻ ٻڌندا ٻڌائيندا رهياسين، مسلمانن جي دل ڏکائيندا رهياسين، جيڪڏهن الله پاڪ ناراض ٿي ويو ۽ ان جا پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رُسي ويا، جيڪڏهن گناهن جي نحوست جي سبب مَعاذَ الـلّٰـه ايمان برباد ٿي ويو، ته پوءِ هر سُوال تي زبان مان اهو ئي نڪرندو:  ھَیْھَاتَ ھَیْھَاتَ لَا اَدْرِی افسوس! صد افسوس! مون کي ته ڪجھ خبر ناهي، افسوس! جڏهن به اک کلي T.V. تي نظر هئي، جڏهن ڪنن ٻڌو ته فلمي گانا ئي ٻڌا، مون کي ڪهڙي خبر خدا ڇا آهي؟ مون کي ڪهڙي خبر دين ڇا آهي؟ مون ته دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد صِرف انهيء کي سمجھيو هو ته بس جيئن به ٿي سگھي مال ڪمايان ۽ گهرواريءَ ۽ ٻچن ساڻ نڀايان. جيڪڏهن ڪنهن منهنجي آخِرت جي ڀلائي جي خاطِر مون کي سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت يا مَدَني