Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

جون ڌومون مچائڻ وارن، ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارن، رشتيدارن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ وارن، صرف حلال روزي ڪمائڻ وارن، پنهنجي چهري کي هڪ مٺ ڏاڙهيءَ سان سينگارڻ وارن، پنهنجي مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجائڻ وارن، دعوتِ اسلامي جي سنّتن جي تربيت جي مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وارن، روزانو پنهنجن عملن جو جائزو وٺندي رسالي ”نيڪ اعمال“ جو رسالو ڀرڻ وارن کي مبارڪ هجي جو الله پاڪ جو فرمانبردار مؤمن ٻانهو پنهنجو ايمان سلامت کڻي جڏهن قبر ۾ لهندو ته ان تي الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم ٿيندو، اِن شَآءَ الله! هو آساني سان جواب ڏيندي پُڪاريندو: رَبِّیَ اللّٰہ يعني الله پاڪ منهنجو ربّ آهي۔ دِیْنِیَ الْاِسْلَامُ يعني منهنجو دين اسلام آهي. دِلرُبا صورت واري ڏانهن اشارو ڪري چوندو: ھُوَ رَسُوْلُ اللّٰہ هيءُ ته منهنجو پيارو پيارو آقا، مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي. (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ: 107، حصہ:1) ۽ جھومي جھومي چوندو:

سرکار کی آمد... مرحبا!            دِلدار کی آمد... مرحبا!

قبر میں سرکار آئیں تو میں قدموں پر گِروں

گر فرشتے بھی اُٹھائیں تو میں اُن سے یُوں کہوں

اِن کے پائے ناز سے میں اے فرشتو! کیوں اُٹھوں

مَر         کے       پہنچا        ہوں           یہاں،       اس     دِلرُبا       کے         واسطے

اي صلوٰۃ وسلام تي جھومڻ وارؤ! نامِ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻُڌي محبت سان اَڱوٺا چمڻ وارؤ! الله پاڪ جي رحمت مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته جڏهن سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب وسينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قبر ۾ جلوو ڏيکاري واپس ٿيڻ لڳن ته ڪاش عاشقانِ رسول تي ڪرم ٿئي ۽ بي اختيار انهن جي زبان تي جاري ٿي وڇي: