Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

لوڏي چوندو آهي ته مان تنهنجو عمل آهيان، مڙدو پڇندو آهي؛ منهنجا ٻار ٻچا ڪٿي آهن؟ ۽ منهنجون دنياوي نعمتون ڪٿي آهن؟ ته عمل چوندو آهي؛ اُهي سڀ تنهنجي پٺيان رهجي ويا ۽ سواءِ منهنجي، تنهنجي قبر ۾ ٻيو ڪو به ناهي آيو۔ (شرحُ الصُّدور، صفحہ:84)

ساتھ جگری یار بھی نہ آئے گا         تُو اکیلا قبر میں رہ جائے گا

مال دنیا کا یہیں رہ جائے گا          ہر عمل اچھا، بُرا ساتھ آئے گا

مالِ دنیا دو جہاں میں ہے وبال        کام آئے گا نہ پیشِ ذُوْالْجلال

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! قبر جو سخت اندھيرو، تنهائي، حسرت ۽ صدمن جو هجوم، پوءِ قبر جي دهشت، ان سان گڏ قبر جي امتحان جو سلسلو شروع ٿي ويندو۔ ٻه خوفناڪ شڪلن وارا ملائڪ جن کي مُنڪر نَڪير چيو ويندو آهي، قبر جون ديوارون چيريندي ايندا، ڊگھا ڊگھا ڪارا وار مٿي کان پيرن تائين لٽڪي رهيا هوندا، اکيون باھ وَسائي رهيون هونديون، هاڻي امتِحان شروع ٿيندو، پيار سان نه بلڪ هو ڌڙڪا ڏيندي اٿاريندا ۽ انتهائي سخت لهجي ۾ سُوال پُڇندا: پهريون سُوال ٿيندو (1) مَنْ رَّبُّکَ؟ يعني تنهنجو ربّ ڪير آهي؟ پوءِ پڇيو ويندو (2) مَادِیْنُکَ؟ يعني تنهنجو دين ڪهڙو آهي؟ (3) پوءِ هڪ سهڻي صورت ڏيکاري ويندي جنهن تي فِدا ٿيڻ جي لاءِ هر عاشق تڙپندو آهي اها دلرُبا صورت ڏيکاري پڇيو ويندو: مَا کُنْتَ تَقُولُ فِیْ  ہٰذَا الرَّجُل؟ يعني ان جي باري ۾ تون ڇا چوندو هئين؟ (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ:106-107، حصہ:1)

 نمازين، رمضان جا روزا رکڻ وارن، حج ادا ڪرڻ وارن، پوري زڪوٰة ڪڍڻ وارن، فلمن ڊرامن کان پري ڀڄڻ وارن، وعده خلافي، بداخلاقي، بدنگاهي، ڪوڙ، غيبت، چغلي ۽ بي پردگي کان بچڻ وارن، نيڪيءَ جي دعوت