Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
قافِلي ۾ سفر جي دعوت ڏني به ته اهو چئي ٽاري ڇڏيو هو ته سڄو ڏينهن ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پوندو آهيان، وَقت ئي ناهي ملندو۔ اسلامي ڀائرو! حياتي ۾ ته اهو جواب هلندو رهندو، ڪاروبار چمڪندو رهندو، ۽ بينڪ بيلنس وڌندو رهندو پر ياد رکو!
سیٹھ جی کو فکر تھی اِک اِک کے دس دس کیجئے موت آپہنچی کہ مسٹر! جان واپس کیجئے
بهرحال جنهن جو ايمان برباد ٿي چُڪو هو ان کان آخِري سُوال ڪرڻ کان پوءِ جنّت جي دري کلندي ۽ يڪدم بند ٿي ويندي پوءِ جهنّم جي دري کلندي ۽ چيو ويندو: جيڪڏهن تون دُرُست جواب ڏين ها ته تنهنجي لاءِ اها جنّت جي دري هئي۔ اهو ٻڌي ان کي تمام گھڻي حسرت ٿيندي، (قبر کا امتحان، صفحہ:12-13ملطقطًا) جهنّم جي طرف دروازي کان ان کي گرمي ۽ تپش پهچندي، ان کي باھ جو لباس پارايو ويندو، ان جي لاءِ باھ جو بستر وڇايو ويندو، ان تي عذاب ڏيڻ جي لاءِ 2 ملائڪ مقرر ٿيندا، جيڪي انڌا ۽ ٻوڙا هوندا، انهن وٽ لوھ جو گُرز (هٿوڙو وغيره) هوندو، جيڪڏهن اهو جبل تي هنيو وڃي ته هو ذرا ذرا ٿي وڃي، ان هٿوڙي سان ان کي ماريندا رهندا پڻ نانگ ۽ وڇون ان کي عذاب ڏيندا رهندا ۽ گڏوگڏ اُن جا بُرا عمل ڪتي، بگھڙ وغيره جي شڪل ۾ اچي ان کي تڪليف پهچائيندا رهندا۔ (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ: 110-111، حصہ:1بتغیر قلیل)
ڈَنک مچھر کا سہا جاتا نہیں،کیسے میں پھر قبر میں بچّھو کے ڈنک آہ سہوں گا یا ربّ
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان غور ڪريون، آخرت جو سَفَر ڪيترو دُشوار آهي، قبر آخرت جي منزلن ۾ پهرين منزل آهي، اهائي ايڏي دُشوا منزل آهي، ان کان اڳتي واريون منزلون ڪيڏيون نه ڏکيون هونديون۔
راہ پُر خار ہے کیا ہونا ہے؟ پاؤں افگار ہے، کیا ہونا ہے؟
(حدائق بخشش، صفحہ:166)