Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

ته گھران ٻاهر نڪرڻ دُشوار ٿي ويندو آهي، ان ڏينهن ته سج هڪ مِيل جي فاصلي تي هوندو ۽ ان جو منهن اسان ڏانهن هوندو، اڄ مٽي جي زمين آهي پر گرمين ۾ زمين تي پير رکڻ ڏکيو هوندو آهي، ان ڏينهن زمين ٽامي جي هوندي، سج ايترو قريب هوندو جو ان وقت تپش ۽ گرمي جو حال ڪير بيان ڪري سگھي ٿو؟  افسوس! دماغ ٽهڪندا هوندا، ايترو ته ڪثرت سان پگھر نڪرندو جو 70 گز زمين ۾ جذب ٿي ويندو، پوءِ جيڪو پگھر زمين نه پي سگھندي اهو مٿي چڙھندو، ڪنهن جي ڀيڏين تائين هوندو، ڪنهن جي گوڏن تائين، ڪنهن جي چيلھ تائين، ڪنهن جي سيني تائين، ڪنهن جي گلي تائين ۽ ڪافِر جي ته چهري تائين پگھر چڙهي ويندو، جنهن ۾ اهو غوطا کائيندو، پوءِ ان گرمي جي حالت ۾ اُڃ جي جيڪا ڪيفيت هوندي الامان والحفيظ! زبان صفا سُڪي ويندي، ڪن ماڻهن جون زبانون وات مان ٻاهر نڪري اينديون، دِليون خوف سبب ٻاهر اچي وينديون، هر ڪو پنهنجي گُنَاهن جي مطابق تڪليف ۾ مبتلا هوندو۔ (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ:132تا134 ، حصہ:1) اهو حساب جو ڏينهن آهي، اهو عَدل ۽ انصاف جو ڏينهن آهي، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! سڄي زِندگي جو اعمالنامو هٿن ۾ ڏنو ويندو، نيڪين ۽ گناهن جو وَزن ڪيو ويندو، پوءِ اها وار کان سنهي، تلوار جي ڌار کان تيز، جهنّم جي پُٺ تي رکيل پُل، جنهن کي پُلصِرَاط چيو وڃي ٿو، ان تان لنگھڻو پوندو، نيڪ ماڻهو بجلي جيان تيزي سان لنگھي ويندا، پر افسوس! گنهگار، جهنّم جا حق دار گِھلجندي، ٿاٻڙجندي، ڪٽجي جهنّم ۾ ڪري رهيا هوندا۔ (بہار شریعت، جلد:1، صفحہ:147 ، حصہ:1بتغیر قلیل) خبر ناهي ان ڏينهن اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ اسان جهنمين جي صَف ۾ هونداسين يا جنَّتين سان گڏ بيٺا هونداسين؟ خبر ناهي سلامتي سان پُلصراط تان لنگھي وينداسين يا نه۔

اس کڑی دھوپ کو کیوں کر جھیلیں                      شعلہ زَن نار ہے، کیا ہونا ہے؟

راہ تَو تیغ پر اور تلووں کو                                        گلۂ خار ہے، کیا ہونا ہے؟