Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442

۽ فرمائيندا هئا: افسوس! مون کي خبر ناهي ته قيامت جي ڏينهن هنن ٻن گروهن مان منهنجو شُمار ڪهڙي ۾ ٿيندو۔

خواجه فريد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو بيان جاري رکندي وڌيڪ فرمايائون: ته نبي سڳورا عَلَيهمُ السَّلَام ۽ ولي سڳورا تمام گهڻو خوفِ خُدا رکندا هئا ، (اسرار الاولیاء، صفحہ:66 ملتقطًا) هڪ بزرگ جنهن جو نالو عبد الله خفيف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هو، پاڻ 40 سال تائين خوفِ خدا سبب ايترو ته رُنا جو ڳلن مُبَارَڪن ۾ نشان پئجي ويا، جڏهن پاڻ قيامت ۽ قبر بابت بيان ڪندا هئا ته وڻن جي پنن جيان ڏڪندي بيهوش ٿي ڪري پوندا هئا، پوءِ مڇي جيان تڙپندا هئا، جڏهن هوش ايندو هو ته اٿي هيءَ آيت پڙھندا هئا:

فَرِیْقٌ فِی الْجَنَّةِ وَ فَرِیْقٌ فِی السَّعِیْرِ(۷)  (پاره25،سورۃالشوري:7)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ هڪڙو ٽولو جنت ۾ آهي ۽ ٻيو ٽولو جهنم ۾.

 

   وري زارو قطار روئيندي فرمائيندا هئا: خبر ناهي مان ڪهڙي گروھ ۾ هوندس، آخري عمر تائين حضرت عبد الله خفيف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها ئي حالت رهي۔

شيخ الاسلام خواجه فريد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي بيان جو سلسلو اڳتي وڌائيندي وڌيڪ فرمايو: امام اعظم ڪوفي (يعني امام ابو حنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) 30 سالن تائين بستر تي نه سُتا، پاڻ خوفِ خدا سبب بيهوش ٿي ويندا هئا ۽ هڪ ڏينهن، هڪ رات بلڪ ان کان به وڌيڪ بيهوش رهندا هئا، جڏهن حالت سنڀلجي ويندي هئي ته پاڻ کي ڌڙڪا ڏيندي فرمائيندا هئا: اي نفس! تُو ڪا اهڙي نيڪي ناهي ڪئي جيڪا بارگاھ الٰهي جي شان لائق هجي، جنهن سبب قيامت جي ڏينهن توکي رهائي نصيب ٿئي۔ اي نفس! تون دُنيا ۽ آخرت ۾ بيوس رهندين۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪندي جڏهن عذاب واري آيت تي پهچندا هئا ته وڏي عرصي تائين حيرت زده رهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: وڏي تعجب جي ڳالھ هوندي