Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
بیچ میں آگ کا دریا حائل قَصْد اُس پار ہے، کیا ہونا ہے؟
منہ دکھانے کا نہیں اور سحر عام دربار ہے، کیا ہونا ہے؟
اُن کو رحم آئے تو آئے ورنہ وہ کڑی مار ہے، کیا ہونا ہے؟([1])
اي جنت جا طلب گار پيارا اسلامي ڀائرو! خُدا جو قسم قيامت جو ڏينهن سخت دهشتناڪ ڏينهن آهي۔ وڏا وڏا ولي سڳورا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم هن ڏينهن جي دهشت ۽ الله پاڪ جي بي نيازي کي ڏسي ڏڪندا هئا، خوف سبب ڪنبندا ۽ روئيندا رهندا هئا۔
حضرت خواجه فريد الدين مسعود گنج شڪر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڪپتن شريف وارا، جن جي دربارِ پُرانوار جي ويجھو لڳل هڪ دروازي کي جنتي دروازو چيو ويندو آهي، بزرگن جي دُعا آهي ته جيڪو هن دروازي مان لنگھي وڃي الله پاڪ ان کي نيڪ عملن جي توفيق عطا فرمائيندو ۽ پنهنجي ڪرم سان جنّت ۾ داخِل ڪندو، اچو! خواجه فريدُ الدِّين گنج شڪر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زباني خوفِ خُدا جو رِقَّت انگيز بيان ٻڌون ۽ عبرت حاصِل ڪيون ٿا، جيئن ته
هڪ ڏينهن خواجه فريدالدين مسعود گنج شڪر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوفِ خُدا جي موضوع تي بيان ڪندي فرمايو: هڪ بزرگ خوفِ خدا سبب 40 سالن تائين روئيندا رهيو، جڏهن انهن کي موت ياد ايندو هو ته وڻ جي پنن جيان ڏڪندا هئا ۽ هر هر بي هوش ٿي ڪري پوندا هئا، جڏهن هوش ايندو هو ته هيءَ آيت پڙھندا هئا:
اِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِیْ نَعِیْمٍۚ(۱۳) وَ اِنَّ الْفُجَّارَ لَفِیْ جَحِیْمٍۚۖ(۱۴) (پاره30،سورۃالانفطار:13-14)
ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ نيڪوڪار ضرور چين ۾ آهن ۽ بيشڪ بدڪار ضرور دوزخ ۾ آهن.