Book Name:Naza aur Qabr Ki Sakhtian-1442
جيڪڏهن ابوحنيفه قيامت جي ڏينهن نجات ماڻي وٺي۔
شيخ الاسلام خواجه فريدالدين گنج شڪر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهڙو رقت انگيز بيان ڪندي ڪندي خوفِ خدا جي غلبي سبب پاڻ به بيهوش ٿي مُصَلّي تي ڪري پيا، ۽ هڪ ڏينهن، هڪ رات لڳاتار بيهوش رهيا، جڏهن هوش آيو ته فرمايائون: حضرت عبد الله تستري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سالن تائين لاڳيتو روئيندا رهيا، ان عرصي ۾ ڪنهن پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي روئڻ کان خالي نه ڏٺو، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: سائين! اوهان کي ڪڏهن روئڻ کان علاوه ناهي ڏٺو ويو، ايترو روئڻ جو سبب ڇا آهي؟ فرمايائون: اي عزيزؤ! جڏهن قيامت جو هولناڪ ڏينهن ياد ايندو آهي... افسوس! اهو ڏينهن جڏهن والدين اَولاد جي به پرواھ نه ڪندا، پيء پٽ کان، پٽ پيءُ کان ڀڄندو، ڀاءُ ڀاءُ جي ڪم نه ايندو، جڏهن اهو منظر ياد اچي ٿو ته پوءِ کلڻ ناهي ايندو، جنهن جي سامهون اهڙو ڏينهن اچڻو هجي ۽ جنهن کي پنهنجي انجام جي خبر نه هجي ته ان کي کلڻ ڪيئن ٿو اچي سگھي، ان جو روئڻ ڪيئن ٿو گھٽجي سگھي۔ (اسرار الاولیاء، صفحہ:67)
اي عاشقانِ رسول! اهي ولي سڳورا آهن، انهن جا ڏينهن رات نيڪين ۾ گذرندا هئا، اهي هر وقت جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن ۾ مَصرُوف رهندا هئا، انهن جي نيت سچي هئي، اهي اخلاص وارا هئا، اهي رياڪارين کان بچڻ وارا هئا، اهي خودپسندي، تڪبر، حسد کان بچڻ وارا، گناھ ته گناھ، اخلاقي طور ناپسنديده ڳالهين ۽ جائِز فضوليات کان به بچڻ وارا هئا ۽ هڪ اسان آهيون، نه قبر جو خوف، نه قيامت جو فڪر، گُناھ ۾ ٻڏل آهيون، نيڪي ٿوري به ناهي، ان تي وڌيڪ اهو ته نه شرمساري ٿئي ٿي، نه احساس، بَس غفلت... غفلت ۽ غفلت!
راہ پُر خار ہے، کیا ہونا ہے؟ پاؤں افگار ہے، کیا ہونا ہے؟
دِل کہ تیمار ہمارا کرتا آپ بیمار ہے، کیا ہونا ہے؟
(حدائق بخشش، صفحہ:166)