Book Name:Ghatay Ka Soda
ڪمائي جو ٻيو ڪو ذريعو ناهي، سيل مين (Sale Man) ايندو آهي ۽ مال ڏئي ويندو آهي، اسان آرام سان ويهي مال وڪڻي ڇڏيندا آهيون، زندگيءَ جو نظام هلي رهيو آهي، اوچتو هڪ رات ان دڪان ۾ باهه لڳي ٿي، سڄو سامان سڙي خاڪ ٿي وڃي ٿو، افسوس! جيئڻ جو هڪ ئي سهارو هو، اهو به نه رهيو. هاڻي ان حالت ۾ ڪهڙو صدمو پهچندو؟ ڪهڙي سخت تڪليف ٿيندي؟ ويهي ويهي ننڍن ننڍن ٻارن جو خيال ايندو، تڪليف ٿيندي، سيني ۾ غم جو سمنڊ اٿلي پوندو، لڙڪ نڪرندا، غم جو ڪهڙو پهاڙ ٽٽي پوندو؟ هاڻي ان ئي تصور کي ٿورو آخرت ڏانهن موڙي ڇڏيو! اسان دنيا ۾ ڪيترائي سال گذاريا، سڄي زندگي نمازون پڙهندا رهياسين، روزا رکندي رهياسين، صدقو و خيرات ڪندا رهياسين، اشراق ۽ چاشت ۽ اوابين جا به پابند رهياسين، تهجد به ڪڏهن نه ڇڏي، نفل حج به ڪيا، عمرا به ڪيا، نيڪين تي نيڪيون ڪندا وياسين، پنهنجي طور تي اسان تمام نيڪ هئاسين، اعمالنامو نيڪين سان ڀريل سمجهي رهيا هئاسين، اوچتو موت جو فرشتو آيو، روح قبض ڪيو ويو، ڪهرام مچي ويو، ڪيترو نيڪ ماڻهو هو، دنيا مان هليو ويو، هر اک آلي آهي، آهون بلند ٿي رهيون آهن، آخر اسان کي ڪفن پهرايو ويو، نمازِ جنازه ادا ڪئي وئي، افسوس! پوءِ اسان کي اونداهي قبر ۾ لاهي، اڪيلو ڇڏي ماڻهو غمگين دل سان، تعريفون ڪندي، اسان جي نيڪين تي واه واه ڪندي گهرن ڏانهن هليا ويا، هاڻي اسان آهيون ۽ اسان جا اعمال. هاڻي ان تنهائيءَ ۾، وحشت جي عالم ۾، قبر جي اونداهيءَ ۾ پتو پوي ته اسان جون اهي سڀئي نيڪيون ته رياڪاريءَ جي ڪري برباد ٿي ويون...! افسوس! اهي ڊگهيون ڊگهيون نمازون، تهجد، اوابين، اشراق، چاشت، اهي گرمين جا روزا، سڄي جي بک اُڃ، لکين روپيه خرچ ڪري جيڪي حج ڪيا هئا، عمرا ڪيا هئا، پنهنجي رت پگهر جي ڪمائي جيڪا غريبن ۾ ورهائي ڇڏي هئي، مسجد جي تعمير ۾ حصو وڌو هو، ديني مدرسي تي خرچ ڪيو هو، سڄي زندگي محنت ڪري، مشقت برداشت ڪري، هڪ هڪ ڪري نيڪيون گڏ ڪيون هيون، اميد هئي، ڀروسو هو ته هي نيڪيون قبر ۾ ڪم اينديون، عذابِ قبر کان بچائينديون، سخت اونداهي رات کي روشن فرمائينديون پر