Book Name:Ghatay Ka Soda

ترجيح ڏئي (مثال طور دنياوي مستقبل جو فڪر ته ڪري پر آخرت ۾ ڪاميابي جو فڪر نه ڪري) ان لاءِ آخرت ۾ ڪجهه حصو ناهي، ها! ان لاءِ جهنم آهي. ساڳئي وقت هي وبال به ته (دنياوي مستقبل لاءِ) ان جي فڪرن جو ڪجهه نتيجو نه نڪرندو، ان کي دنيا ۾ صرف اهو ئي ڪجهه ڏنو ويندو، جيڪو پهريان کان لکيو ويو آهي.([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن دنيا ملي، نه ملي خير آهي، آخرت جو نقصان هرگز نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن خدانخواسته دنيا ۾ اسان تمام گهڻو ڪمائي ورتو، وڏا مالدار ٿي وياسين، منصب، شهرت، عزت، دولت سڀ ڪجهه ملي ويو پر آخرت جي ڪاميابي هٿ مان ڇڏائجي وئي ته وڏو نقصان ٿي ويندو، ان لاءِ هميشه آخرت کي دنيا تي ترجيح ڏيڻ جي عادت بڻايو! * جيڪڏهن 10 منٽ دڪان بند ڪري چند سؤ يا چند هزارن جو نقصان ٿئي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي پر نماز نه ڇٽڻ گهرجي * جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ کان سواءِ گذارو نٿو ٿئي ته نه ٿئي، ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي آخرت هرگز خراب ناهي ڪرڻي * جيڪڏهن وياج کان سواءِ مالدار نٿا بڻجي سگهون ته نه سهي، وياج وٺي پنهنجي آخرت برباد ناهي ڪرڻي  * جيڪڏهن دوکو ڏيڻ کان سواءِ کان سواءِ ڪمائي گهٽ ٿئي ٿي ته ٿيندي رهي * رشوت نه وٺي گهر نٿو هلي ته نه هلي، سڪي ماني کائڻي پوي ته کائي وٺون پر پنهنجي آخرت کي داءُ تي هرگز نه لڳايون.

آخرت جا چاهيندڙ بڻجو...!

مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: انسانو! آخرت اچي رهي آهي، دنيا وڃي رهي آهي. انهن مان هر هڪ جا چاهيندڙ آهن. توهان آخرت جا چاهيندڙ بڻجو! دنيا جا چاهيندڙ نه بڻجو...!! بيشڪ اڄ عمل جو ڏينهن آهي، اڄ حساب ناهي پر سڀاڻي حساب جو ڏينهن هوندو، اتي عمل ناهي.([2])


 

 



[1]...تفسیر درّ منثور،پارہ:25 ،سورۂ شوریٰ ،زیرِ آیت :20 ،جلد:7 ،صفحہ:343۔

[2]... بخاری،کتاب:الرقاق،باب:فی  الامل و طولہ ،صفحہ:1581 ۔