Book Name:Ghatay Ka Soda
کي ايمان جي دولت سان نوازيو آهي، ان جي قدر به ڪريون، ان جو شڪر به ادا ڪيون ۽ ساڳئي وقت ڪفر کان نفرت به ڪندا رهون. حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن ۾ 3 ڳالهيون هجن، اهو ايمان جي حلاوت (يعني مٺاس) حاصل ڪري وٺندو آهي (انهن 3 مان هڪ ڳالهه هي ارشاد فرمائي وئي:) اهو ايمان کان پوءِ ڪفر ڏانهن موٽي وڃڻ کي اهڙي طرح ناپسند ڪري، جيئن باهه ۾ ڪرڻ کي ناپسند ڪندو آهي.([1])
معلوم ٿيو: ايمان وارو رهڻ، ايمان جي سلامتي سان قبر ۾ لهڻ ۽ ان ذريعي جنت جو حقدار بڻجڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان ڪفر کان هر دم نفرت ڪندا رهون.
ايمان جي سلامتيءَ جو فڪر ڪريو!
افسوس! اڄڪلهه ايمان جي سلامتي جو فڪر تمام گهٽ ماڻهن کي هوندو آهي * عام طور تي ماڻهو پنهنجي نفس تي ڀروسو ڪندا آهن * بدمذهبن ۽ بري ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ * گناهن ۾ مصروف رهڻ * اسان ڇا سکي رهيا آهيون، ڪنهن کان سکي رهيا آهيون، وغيره جو بلڪل فڪر نه ڪرڻ * علم دين کان پري ڀڄڻ * غير مسلمن جي نقل ڪرڻ * انهن جو لٽريچر بي ڌڙڪ پڙهڻ * غير مستند ماڻهن ۽ غير مستند طريقن(مثال طور سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ، يوٽيوب، فيس بڪ وغيره) ذريعي دين سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ وغيره ايمان کان هٿ ڌوئي ويهڻ جا سبب آهن پر افسوس! اڄڪلهه اڪثريت انهن ڪمن ۾ مبتلا نظر اچي ٿي
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي ايمان جي دولت عطا فرمائي آهي ته اسان کي ان جي قدر به ڪرڻي آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، ان لاءِ اسان کي گهرجي ته الله پاڪ جي خفيه تدبير کان هر دم ڊڄندا رهون ۽ هر هر لمحي ايمان جي سلامتي جو فڪر ڪندا رهون.