Book Name:Ghatay Ka Soda

خفيه تدبير کان بي خوفي سخت نقصان ڪار آهي

قرآنِ ڪريم ۾ آهي

فَلَا  یَاْمَنُ مَکْرَ اللّٰہِ   اِلَّا الْقَوْمُ  الْخٰسِرُوْنَ (۹۹)   

(سيپارو: 9، الاعراف: 99)

ترجموڪنزُ العرفان: ته الله جي خُفيه تدبير کان صرف تباھ ٿيڻ وارو ئي بي خوف ٿيندا آهن.

عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بلڪل بي خوف ٿي وڃڻ گناههِ ڪبيره آهي.([1])

حضرت سفيان ثوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو خوفِ خدا

حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بلند رتبي جا عالمِ دين، پائي جا محدث ۽ ولي ڪامل ٿي گذريا آهن، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي باري ۾ منقول آهي ته سندن ڇيلھ جوانيءَ ۾ ئي جهڪي وئي هئي. ماڻهن ڪيترائي ڀيرا ان جو سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪو به جواب نه ڏنو. هڪ ڀيري سندن هڪ شاگرد بار بار ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: منهنجو هڪ استاد هو، ان جو شمار وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو، مون ان کان ڪيترائي علم سکيا هئا، جڏهن ان جي وفات جو وقت ويجهو آيو ته مون کي چوڻ لڳو: اي سفيان! ڇا تون ڄاڻين ٿو مون سان ڇا معاملو پيش آيو؟ مان 50 سالن تائين مخلوقِ خدا کي الله پاڪ جي اطاعت ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي تلقين ڪندو رهيس پر افسوس! اڄ جڏهن منهنجي زندگي جو ڏيئو وسامڻ تي آهي ته الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاهه مان اهو فرمائي ڪڍي ڇڏيو ته تون منهنجي بارگاهه ۾ اچڻ جي اهليت نٿو رکين.
پنهنجي استاد جي اها ڳالهه ٻڌي عبرت سبب منهنجي ڪمر ٽٽي پئي، جنهن جي ٽٽڻ جو آواز اتي موجود ماڻهن به ٻڌو. مان الله پاڪ جي خوف کان لڙڪ وهائيندو رهيس ۽ سخت بيمار ٿي پيس.([2])


 

 



[1]...جہنم میں لے جانے والے اعمال، جلد:1، صفحہ:291۔

[2]...خوفِ خُدا، صفحہ:80۔