Book Name:Ghatay Ka Soda

فِکْرِ مَعَاش بَدبَلا، ہَوْلِ مَعَاد جاں گُزا                                                                                      لاکھوں بَلا میں پھنسنے کو رُوح بدن میں آئی کیوں؟

وضاحت: يعني زندگيءَ جا سبب مثال طور کائڻ پيئڻ وغيره جو فڪر! قبر جي تنگي ۽ قيامت جي هولناڪين جو خوف! اهڙين لکين بلائن ۾ ڦاسڻ لاءِ روح بدن ۾ آيو ئي ڇو هو...؟

  الله پاڪ اسان کي ايمان جي حفاظت ڪرڻ، ايمان جي سلامتي لاءِ ڪوشش ڪندو رهڻ ۽ ڪفر ڏانهن موٽي وڃڻ کان هميشه ڊڄندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

ایماں پہ رَبِّ  رحمت دے دے تُو استقامت   دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو ترے نبی کا([1])

(2): رياڪاري کان بچندا رهو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح رياڪاري به آخرت جي واپار ۾ تمام گهڻو نقصان وارو سودو آهي. * اسان نماز پڙهي، ان نماز جي ذريعي اسان جنت جا حقدار بڻجي سگهون ٿا * اسان روزو رکيو، ان روزي جي ذريعي اسان جنت جا حقدار بڻجي سگهون ٿا * حج ادا ڪيو، ان حج جي ذريعي اسان جنت جا حقدار بڻجي سگهون ٿا * تهجد پڙهي * اشراق چاشت جا نوافل ادا ڪيا * قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي * ذڪرالله ڪيو * درود پاڪ پڙهيو * صدقو ڏنو، خيرات ڪئي * وڏا وڏا نيڪ عمل ڪيا، انهن نيڪ عملن جي صدقي اسان جنت جا حقدار بڻجي سگهون ٿا پر ڏيکاءُ ڪري ڇڏيو * سر سجدي ۾ آهي، زبان سان چئي رهيا آهيون: سُبْحٰنَ رَبِّیَ الْاَعْلٰی پر دل ۾ هي نيت آهي ته ماڻهو مون کي ڏسي وڏو عبادت گذار چوندا *غريب کي راشن ڏئي رهيا آهيون، چندي باڪس ۾ چندو وجهي رهيا آهيون پر دل ۾ هي نيت آهي ته ماڻهو مون کي سخي چوندا * تمام خوبصورت آواز ۾ تلاوت ڪري رهيا آهيون پر دل ۾ هي نيت


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:178۔