Book Name:Ghatay Ka Soda

(1): هدايت جي بدلي گمراهي اختيار نه ڪريو!

  الله ڪريم جو وڏو فضل آهي جو اسان مسلمانن جي گهر ۾ پيدا ٿياسين، اربن جي تعداد ۾ ماڻهو دنيا ۾ موجود آهن، الله ڪريم اسان لاءِ مسلمان گهراڻي جو انتخاب فرمايو، اسان عاشقانِ رسول جي گهر ۾ اک کولي ۽ دنيا ۾ اچي آذان جو آواز ٻڌو هو.

  هي الله پاڪ اسان کي شرف بخشيو، اسان هدايت تي آهيون، هاڻي ان هدايت کي وڪڻي گمراهي کي ڪڏهن به اختيار ناهي ڪرڻو، نه ته هي آخرت جي واپار ۾ تمام گهڻو نقصانڪار سودو هوندو، اسان هدايت تي آهيون، ايمان سيني ۾ موجود آهي، ان ايمان کي ڪڏهن به وڪڻڻو ناهي. * دنيا جو مال * دنيا جي دولت * دنيا جي شهرت * دنيا جو نالو، عهدو، منصب، هي سڀ ڪجهه فاني آهي، جيڪڏهن خدانخواسته پئسن جي لالچ ۾، منصب جي لالچ ۾، ڪنهن ملڪ جي ويزا حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ جيڪڏهن ڪٿي ايمان جو سودو ڪري ورتو ته وڏو نقصان ٿيندو.

عشقِ مجازي ڪفر تائين پهچائي ڇڏيو

  پنهنجي وقت جي ڪامل ولي، حضرت حَسَن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي دورِ مبارڪ جو هڪ واقعو تمام عبرتناڪ ۽ سبق آموز آهي، هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  تشريف فرما هئا ته پاڻ ڏٺائون، ڪجهه ماڻهو هڪ مُردي کي گهليندا وٺي وڃي رهيا آهن، حضرت حَسَن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان کي ڏٺو ته بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا، جڏهن هوش آيو ته پاڻ کان بيهوشي جو سبب پڇيو ويو، پاڻ فرمايائون: هي مرڻ وارو ڪڏهن اعليٰ درجي جو عابد ۽ زاهد هو، هڪ ڏينهن هي پنهنجي گهر کان نماز جي نيت سان نڪتو ته رستي ۾ ان جي نظر هڪ غير مسلم ڇوڪريءَ تي پئي، نظر ڀٽڪي، دل هارائي ويٺو ۽ هي شخص عشقِ مجازي جي چڪر ۾ ڦاسي پيو. دل ۾ گندا جذبا اُڀرندا رهيا، ان جو وقت برباد ٿيندو رهيو، آخرڪار هڪ ڏينهن هن ان