Book Name:Ghatay Ka Soda

پيارا اسلامي ڀائرو! سچي دل سان غور فرمايو! سوچيو، ڪم هڪ ئي آهي، نماز، روزو، حج، زڪوات، نيڪ عمل، انهن جي ذريعي اسان جنت ۾ به وڃي سگهون ٿا پر رياڪاري ڪري، ڏيکاءُ ڪري جيڪڏهن جهنم جا حقدار بڻجي وڃون، قيامت جي ڏينهن اسان کي بدڪار، دوکي باز، ڪافر ۽ نقصان کڻڻ وارو چئي سڏيو وڃي ته هي ڪيترو نقصان وارو سودو آهي؟

رياڪار جو عبرتناڪ مثال

سيپارو: 3، سورة بقره، آيت: 266 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اَیَوَدُّ اَحَدُکُمْ اَنْ تَکُوْنَ لَہٗ جَنَّۃٌ مِّنْ نَّخِیْلٍ وَّ اَعْنَابٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِہَا الْاَنْہٰرُ ۙ لَہٗ فِیْہَا مِنْ کُلِّ الثَّمَرٰتِ ۙ وَ اَصَابَہُ الْکِبَرُ وَ لَہٗ ذُرِّیَّۃٌ ضُعَفَآءُ ۪ۖ فَاَصَابَہَاۤ اِعْصَارٌ فِیْہِ نَارٌ فَاحْتَرَقَتْ ؕ  کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللّٰہُ لَکُمُ الْاٰیٰتِ لَعَلَّکُمْ تَتَفَکَّرُوْنَ (۲۶۶)  

(پارہ:3،البقرہ:266)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ڇا توهان مان ڪو اِهو پسند ڪندو ته اُن وٽ کڄين ۽ انگورن جو هڪ باغ هجي جنهن جي هيٺان نديون ونديون هجن، ان جي لاءِ اُن هرقسم جا ميوا هجن ۽ ان کي پوڙهائپ اچي وڃي ۽ حال هي هجي ته ان جا ڪمزور هيڻا ٻار هجن پوءِ ان تي هڪ واچوڙو اچي جنهن ۾ باھ هجي پوءِ سمورو باغ سڙي وڃي. الله توهان سان اهڙي طرح پنهنجون آيتون کولي ڪري بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان غور ۽ فڪر ڪيو.

هي هڪ مثال آهي([1]) اسان مان هر هڪ هن مثال کي سامهون رکي، ٿورو اکيون بند ڪري پنهنجي باري ۾ تصور ڪري، مثال طور اسان تصور ڪريون ته اسان پوڙها ٿي چڪا آهيون، هاڻي ٻانهن ۾ پهرين جهڙي طاقت ناهي رهي، هاڻي وڌيڪ محنت وارو ڪم نٿو ٿي سگهي، ان حالت ۾ ننڍا ننڍا ٻچا به آهن، اهي ڪمائي نٿا سگهن، محنت مزدوري نٿا ڪري سگهن، انهن ٻچن جي پرورش جو واحد سهارو اسان ئي آهيون، اسان جو هڪ دڪان آهي، ان مان ئي آمدني ٿئي ٿي، سڀئي خرچ ان مان ئي هلن ٿا،


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ:3، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:266،  جلد:3، صفحہ:108 بتغیر قلیل ۔