Book Name:Ghatay Ka Soda
اِشْتَرَوُا الضَّلٰلَۃَ بِالْہُدٰی ۪
انهن پنهنجي دل جي دنيا لاءِ هدايت جي جاءِ تي گمراهي کي اختيار ڪيو
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ هي منافقن جو هڪ عيب آهي، انهن جي بيوقوفي آهي ته هي دنيا جو واپار جيتوڻيڪ ڄاڻن ٿا پر آخرت جو واپار ڪرڻ نٿا ڄاڻن، نقصان وارو سودو ڪري ويهندا آهن. اسان الله پاڪ جي فضل سان مسلمان آهيون، منافق ناهيون، ان لاءِ اسان کي گهرجي ته منافقن واري ان حماقت کان بچون *اسان کي دڪان هلائڻ اچي ٿو *ڪاروبار ڪرڻ اچي ٿو *پئسا ڪمائي وٺون ٿا * گهر هلائي وٺون ٿا * هڪ جا 10، 10 جا 100 ۽ 100 جا هزار اسان ٺاهي وٺون ٿا، هي پنهنجي جاءِ تي هڪ درست ڳالهه سهي، البته اسان کي آخرت جو واپار به ڪرڻ اچڻ گهرجي، جيئن اسان دڪان هلائڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۾ ماهر آهيون، دنيا ڪمائڻ جو هڪ کان هڪ طريقو ڄاڻون ٿا، اهڙي طرح جنت ڪمائڻ جا طريقا به اسان کي اچڻ گهرجن
جيڪڏهن آخرت جو واپار اسان کي نه آيو ته ڪٿي اسان نقصان جو سودو نه ڪري ويهون، ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي واپار ۾ نقصان ٿي به وڃي ته ڪيتري دير جو هوندو، 6 مهينن ۾، سال 2 سالن ۾ نقصان پورو ٿي ئي ويندو آهي، جيڪڏهن بالفرض ڪاروبار ڪيو، ڪروڙن جو نقصان ٿي ويو، مال ٻڏي ويو، پوءِ ان نقصان جي پورائي به نه ٿي سگهي ته به فاني دنيا آهي، اڄ زنده آهيون سڀاڻي ٿي سگهي ٿو قبر ۾ هجون. جيڪڏهن اسان کي آخرت جو واپار ڪرڻ نه آيو، آخرت جي معاملي ۾ جيڪڏهن اسان نقصان وارو سودو ڪري ورتو ته فاني دنيا ۾ نه پر ابدي (يعني هميشه رهڻ واري) زندگي جو نقصان ٿي ويندو، ان لاءِ آخرت جي معاملي ۾ ڪڏهن به نقصان وارو سودو نه ڪيو!