Book Name:Ghatay Ka Soda
حُبِّ دُنیا سے تُو بچا یارَبّ! عاشقِ مصطفےٰ بنا یارَبّ!
کاش! لب پر مرے رہے جاری ذِکْر آٹھوں پہر ترا یارَبّ!
آہ! طغیانیاں گناہوں کی پار نَیّا مری لگا یارَبّ!
نفس و شیطان ہو گئے غالِب ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارَبّ!([1])
(4): همزاد جون ڳالهيون نه ٻڌو!
اسان وٽ عام طور تي چيو ويندو آهي: انسان دنيا ۾ اڪيلو آيو آهي، اڪيلو ئي ويندو. هي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي، البته اسان دنيا ۾ اڪيلا ناهيون آيا، جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي، ان ئي وقت ابليس وٽ به ٻار پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي همزاد چئبو آهي. اهڙي طرح هڪ فرشتو به پيدا ٿيندو آهي، جنهن کي مُلْهِمْ چئبو آهي.
اهو جيڪو همزاد يعني اسان سان شيطان هوندو آهي، اهو هر وقت اسان کي گناهن ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪو مُلْهِمْ فرشتو آهي اهو هميشه اسان کي نيڪي جي دعوت ڏيندو رهندو آهي.([2])
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چوندا آهن: منهنجون 2 دليون ٿي رهيون آهن، هڪ دل چئي رهي آهي هي ڪم ڪري وٺان، هڪ دل چئي رهي آهي هي ڪري وٺان، جڏهن ته دل ته سيني ۾ هڪ ئي آهي، ڪنهن جون به دليون 2 ناهن هونديون، پوءِ ائين ڇو ٿيندو آهي؟ * هڪ دل چئي رهي آهي: نماز پڙهي وٺان. هڪ دل چئي رهي آهي: پوءِ پڙهي وٺندس *هڪ دل چئي رهي آهي: خدا جي راهه ۾ مال ڏئي ڇڏيان، هڪ دل چئي رهي آهي: نه ڏيان * هڪ دل چئي رهي آهي: روزو رکي وٺان، هڪ دل چئي رهي آهي: نه رکان * هڪ دل چئي رهي آهي: تلاوت ڪري وٺان، هڪ دل چئي رهي آهي: نه ڪريان * هڪ دل چئي رهي آهي: درود پاڪ پڙهي وٺان، هڪ دل چئي رهي آهي: موبائل کوليان، سوشل ميڊيا تي ڪجهه وقت گذاريان * هڪ دل چئي رهي آهي: قافلي ۾ سفر ڪري وٺان، هڪ دل چئي رهي