Book Name:Ghatay Ka Soda
ڇوڪريءَ کي نڪاح جو پيغام ڏئي ئي ڇڏيو، ان تي اها ڇوڪريءَ چيو: تون مسلمان آهين، مان غير مسلم آهيان، جيستائين تون پنهنجو دين ڇڏي منهنجو مذهب اختيار نه ڪندين! تيستائين مان توسان نڪاح نه ڪنديس.
افسوس! ان جي سر تي عشقِ مجازي جو ڀوت سوار هو، ان بدبخت تي شهوت غالب آئي، ان ڇوڪريءَ جي ڳالهه مڃي دينِ اسلام کي ڇڏي ڏنو ۽ ان ڇوڪريءَ وارو باطل دين اختيار ڪري ورتو. هاڻي جڏهن هي ڇوڪريءَ وٽ پهتو ته ان چيو: اي شخص! تو ۾ ڪا به ڀلائي ناهي، جيڪو پنهنجي دين سان وفا نه ڪري سگهيو، اهو ڀلا مون سان وفا ڪيئن ڪندو. اهو چئي ان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو
نہ خُدا ہی ملا نہ وِصَالِ صنم نہ اِدھر کے رہے، نہ اُدھر کے رہے
ايمان کان به هٿ ڌوئي ويٺو، جنهن جي عشق ۾ مبتلا هو، اها به نه ملي. آخر ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويو.([1])
اللهُ اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيترو نقصان وارو سودو ڪيائين؟ پنهنجو ايمان وڪڻي گمراهي کي اختيار ڪري ورتائين، هڪ عورت جي عشق ۾ مبتلا ٿي ايمان جو سودو ڪري آخرت جي واپار ۾ ڪيتري وڏي نقصان ۾ مبتلا ٿي ويو...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!! اسان مسلمان آهيون، يقيناً هي الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي، اسان جو ڪلمو پڙهڻ، مسلمان هجڻ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جهنم کان بچي جنت ۾ وڃڻ جو ذريعو بڻجي ويندو پر ياد رکو! جهنم کان بچڻ ۽ جنت جو حقدار بڻجڻ لاءِ صرف مسلمان هجڻ ڪافي ناهي بلڪه ايمان سلامت کڻي دنيا مان وڃڻ به ضروري آهي. ان لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ايمان جو فڪر ڪيون، الله پاڪ اسان