Book Name:Ghatay Ka Soda
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
صحابيءِ رسول حضرت ابو طلحه انصاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته صبح جي وقت الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُرنور چهري تي خوشي جا آثار هئا، صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان ان جو سبب پڇيو ته پاڻ فرمايائون: الله پاڪ پيغام موڪليو آهي: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جو جيڪو به اُمّتي اوهان تي هڪ ڀيرو درود پڙهندو، آئون ان لاءِ 10 نيڪيون لکندس، ان جا 10 گناهه مٽائي ڇڏيندس، 10 درجا بلند فرمائيندس ۽ ايتري ئي رحمت موڪليندس.([1])
اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے([2])
وضاحت: اهي پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪي هر بي خبر جي خبر رکڻ وارا آهن، انهن تي درود ۽ سلام هجي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد