Book Name:Ghatay Ka Soda
ماھوار فيضانِ مدينه ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي: ماهوار فيضانِ مدينه (Mahnama Faizan e Madina) هن ايپلي ڪيشن ۾ هن وقت تائين جاري ٿي چڪا. سڀئي ماهوار PDF جي صورت ۾ موجود آهن، ان کان علاوه * سڀني ماهوارن جا مضمون (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگهجي ٿو * سهولت لاءِ سرچ آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ماهوار جو ڪو مضمون وغيره تلاش به ڪري سگهجي ٿو. توهان به هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:
(صحيح شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندهي)
مسئلو : نابالغ ٻار جو پيشاب به ناپاڪ آهي
وضاحت : ٻار جيتوڻيڪ هڪ ڏينهن جو هجي، ان جو پيشاب ناپاڪ آهي لهٰذا جيڪڏهن هي بدن تي لڳي وڃي ته بدن ناپاڪ ٿي ويندو، هاڻي جيستائين پيشاب کي زائل نه ڪنداسين، جسم ناپاڪ ئي رهندو، جيتوڻيڪ پيشاب سڪي وڃي ۽ ان جي بدبو ختم ٿي وڃي. بهارِ شريعت ۾ آهي: کير پيئندڙ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو پيشاب نجاستِ غليظه آهي. هي جيڪو اڪثر عوام ۾ مشهور آهي ته کير پيئندڙ ٻارن جو پيشاب پاڪ آهي محض غلط آهي.([1]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد