Book Name:Ghatay Ka Soda
افسوس! صد ڪروڙ افسوس...!
هاڻي قبر ۾ پهتاسين ته معلوم ٿيو ته رياڪاريءَ جو شڪار ٿي سڄي محنت ته برباد ڪري
ورتي، هاڻي اعمالنامي ۾ ته ڪا به نيڪي ناهي، رياڪاريون ئي رياڪاريون آهن، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! الله پاڪ
بچائي...! پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته قبر جي ان تنهائيءَ ۾، ان
وحشت ۾ اسان تي ڇا گذرندي، ڪهڙو غم جو پهاڙ ٽٽندو، ڪهڙي حسرت ٿيندي...!!
ان
وقت ماڻهو زمين جي مٿان اسان جي تعريف ڪري به رهيا هوندا ته ڇا فائدو؟ اسان ته قبر
جي تنهائيءَ ۾ غم ۽ شرمندگيءَ جو شڪار ٿي رهيا هونداسين، حسرت ٿي رهي هوندي پر
افسوس!
اب کیا ہَوَت، جب چڑیاں چُگ گئیں کھیت
کچھ مرے بچنے کی صُورت کیجئے اب تو جو ہونا تھا مولا ہو گیا([1])
(3): دنيا کي آخرت تي ترجيح نه ڏيو!
پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيڻ، دنياوي بهتري، دنياوي مال ۽ دولت، عيش و عشرت ۽ دنياوي فائدي خاطر آخرت جي نقصان کي برداشت ڪري وٺڻ هي به نقصان وارو سودو آهي. سيپارو: 25، سورت شوريٰ، آيت: 20 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
مَنْ کَانَ یُرِیْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَۃِ نَزِدْ لَہٗ فِیْ حَرْثِہٖ ۚ وَ مَنْ کَانَ یُرِیْدُ حَرْثَ الدُّنْیَا نُؤْتِہٖ مِنْہَا وَ مَا لَہٗ فِی الْاٰخِرَۃِ مِنْ نَّصِیْبٍ (۲۰)
(سيپارو: 25، الشوريٰ: 20)
ترجموڪنزُ العرفان: جيڪو آخرت جي پوک گهري ٿو ته اسان ان جي لاءِ ان جي پوک ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک چاهي ٿو ته اسان ان کي ان مان ڪجھ ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ آخرت ۾ ان جو ڪو حصو ناهي.
رسول الله جا صحابي، سلطان المفسرين حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو دنيا کي آخرت تي