Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

ذريعي رزق ملندو آهي، ڪو نوڪري (Job) ڪري رزق وٺندو آهي، ڪو پنهنجو ڪاروبار (Business) ڪندو آهي، ڪنهن کي سيٺ جي هٿان ملندو آهي، ڪنهن کي گورنمنٽ ڏيندي آهي، ڪو گراهڪ کان وصول ڪندو آهي، رزاق ته الله پاڪ ئي آهي، ڏيندو اهو ئي آهي پر انهن ذريعن (Sources) کان عطا فرمائيندو آهي، اهڙي طرح مدد الله پاڪ جي ئي آهي، اهو مدد فرمائيندو آهي پر ان جي مدد ملڻ جا ذريعا مختلف آهن، ڪنهن کي داتا حضور جي ذريعي الله پاڪ جي مدد ملندي آهي، ڪنهن کي خواجه اجمير رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ذريعي ملندي آهي ۽ ڪنهن کي المدد يا غوثِ پاڪ پڪارڻ سان ملي ويندي آهي. ڏسو! غزوهءِ بدر جي موقعي تي الله پاڪ فرشتن کي مدد جي لاءِ موڪليو. الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِذْ یُوْحِیْ رَبُّكَ اِلَى الْمَلٰٓىٕكَةِ اَنِّیْ مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْاؕ-

(سيپارو: 9، الانفال: 12)

ترجموڪنزُالعرفان: ياد ڪر اي محبوب! جڏهن اوهان جي رب ملائڪن ڏانهن وحي موڪلي ته مان توهان سان گڏ آهيان توهان مسلمانن کي ثابت قدم رکو.

هتي ڏسو! فرشتا به غيرالله آهن. الله پاڪ خود فرشتن کي فرمايو: اي فرشتو! ايمان وارن کي ثابت قدم (Steadfast) رکو! مان توهان سان گڏ آهيان.

   غور فرمايو! الله پاڪ فرشتن کي موڪليو، الله پاڪ چاهي ها ته فرشتن کان سواءِ ئي مدد فرمائي ها، الله پاڪ چاهي ها ته ڪافر پنهنجي گهرن ۾ ئي اونڌا ٿي وڃن ها، بدر جي ميدان ۾ اچي ئي نه سگهن ها پر الله پاڪ ملائڪن کي موڪليو، ڇو؟ ان ڪري جو اهو الله آهي، اهو رب آهي، اهو قدرت وارو آهي، اهو جيڪو چاهيندو آهي ڪندو آهي، ڪو ان کان پڇڻ جي همت (Courage)  نٿو ڪري سگهي.

پوءِ غور فرمايو! غزوهءِ بدر ۾ مدد ڪرڻ ڪير آيو؟ فرشتا آيا پر الله پاڪ فرمائي ٿو: