Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپار 6، سورت مائده جي آيت 55 ۽ 56 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هي ٻئي تمام ايمان افروز (Faith-Inspiring) آيتون آهن، انهن آيتن ۾ اسان ايمان وارن کي ڪجهه اهم (Important) ۽ بنيادي تعليم (Basic Teachings) ڏني وئي ۽ گڏوگڏ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دل ۾ طرح طرح جا وسوسا رکندا آهن، انهن آيتن ۾ انهن وسوسن جي به سٺي ڪاٽ آهي. اچو! انهن مبارڪ آيتن جي ٿوري وضاحت (Explanation) ٻڌون ٿا:

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

الله پاڪ فرمايو:

اِنَّمَا

 هي ڪلمهءِ حصر آهي يعني ان جو مطلب آهي: صرف. ڇا صرف؟ فرمايو:

وَلِیُّکُمُ

ترجمو ڪنزُ العرفان: توهان جا دوستَ

لفظِ وَلِي جا ڪيترائي مطلب آهن پر علماءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم فرمائين ٿا: هن آيت ۾ لفظِ وَلِي جا 2 ئي مطلب مراد وٺي سگهجن ٿا: (1): مددگار (2): محبوب، پيارو، دوست.([1]) هن لحاظ کان آيتِ ڪريمه جو مطلب بڻجندو: (1): توهان جا محبوب، توهان جا دوست (2): ٻيو مطلب ٿيندو: توهان جا مددگار صرف ۽ صرف هي هستيون آهن، اهي ڪير ڪير آهن؟ فرمايو:

اللّٰهُ وَ رَسُوْلُهٗ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوا الَّذِیْنَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَ هُمْ رٰكِعُوْنَ(۵۵)

(سيپارو: 6، المائده: 55)

ترجمو ڪنزُ العرفان: صرف الله ۽ ان جو رسول ۽ ايمان وارا آهن جيڪي نماز قائِم ڪندا آهن ۽ زڪوٰت ڏيندا آهن ۽ الله جي بارگاھ ۾ جهڪيل آهن


 

 



[1]...تفسیرکبیر،پارہ:6،المائدۃ،زیرآیت:55،جلد:4،صفحہ:383۔