Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ

وضاحت: دورانِ نماز جڏهن امام صاحب سورت فاتحه جي تلاوت مڪمل ڪندا آهن، ان وقت آمين چوڻ جا تمام گهڻا فضائل آهن. ڪجهه ماڻهو ان وقت آمين تمام وڏي آواز سان چوندا آهن. اهو صحيح ناهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: آمين بلند آواز سان چوڻ نماز ۾ مڪروه ۽ خلافِ سنت آهي.([1]) احاديثِ ڪريمه مان به اهو ئي ثابت آهي ته ان موقعي تي آمين صرف ايتري آواز ۾ چئي وڃي جو پنهنجا ڪن ٻڌي وٺن. حضرت وائل بن حُجر  رَضِیَ الله عَنْہُ کان روايت آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غَيْرِالْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَاالضَّآلِّيْن پڙهيو ۽ آهستي آمين چيو. ([2]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي اَحڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اسماءُ الحسنى جون برڪتون (وظيفو)

يَا كَرِيْمُ

 بستر تي ليٽي ڪري الله پاڪ جو نالو يَاكَرِيْمُ پڙهندي پڙهندي سمهي پئو! اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْكَرِيْم! فرشتا اوهان لاءِ دعا ڪندا. ([3]) الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:6، صفحہ:184 ۔

[2]... ترمذی ، کتاب الصلاۃ، باب ما جاء فی التامین، صفحہ:80، حدیث:248۔

[3]... مدنی پنج سورہ، صفحہ:252۔