Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي درود پڙهڻ واري جو درود مون تائين پهچندو آهي ۽ مان ان جي لاءِ دعا ڪندو آهيان، ان کان علاوه درود پڙهڻ واري جي لاءِ 10 نيڪيون به لکيون وينديون آهن. ([1])
ہےکرم ہی کرم کہ سنتے ہیں آپ خوش ہوکے بار بار دُرُوْد([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! درود پاڪ پڙهڻ جا ڪيترائي فضائل آهن، پر هن فضيلت جي ڳالهه ئي نرالي (Unique) آهي. جيڪو ٻانهو درود شريف پڙهندو آهي، رسولِ رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي لاءِ دعا فرمائيندا آهن. واهه! سُبْحٰنَ اللہ! ڄاڻو ٿا، هن دعا جون برڪتون ڪهڙيون آهن؟ * دعاءِ مصطفيٰ جي برڪت سان نصيبَ چمڪي پوندا آهن * آفتون ۽ بلائون (Calamities) ٽري وينديون آهن * مشڪلاتون (Hardships) حل ٿينديون آهن * بگڙيل ڪم صحيح ٿيندا آهن * دنيا ۽ آخرت سَنورجي ويندي آهي * ها! ها! دعاءِ مصطفيٰ ئي ته آهي، جنهن جي برڪت سان چنڊ (Moon) 2