Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! جيڪو ٻانهو الله پاڪ کي مددگار مڃي، رسولُ الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجو حامي ۽ ناصر تسليم ڪري ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کي مددگار مڃي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هو هر ميدان ۾ ڪامياب ۽ ڪامران (Successful) رهندو آهي، الله پاڪ ۽ ان جي عطا سان ان جا پيارا رسول صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ اولياءِ ڪرام ان جي مدد فرمائيندا آهن ۽ هر مشڪل (Difficulty) کان نجات ڏياريندا آهن.
کہا جس نے یَاغَوْث اَغِثْنِی تو دَم میں ہر آئی مصیبت ٹلی غوثِ اعظم!([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ وسوسو ايندو آهي ته جيڪي اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم نيڪ ماڻهو زنده آهن، انهن کان ته مدد گهري وڃي پر جيڪي وفات ڪري ويا، آخر انهن کان مدد ڪيئن گهري سگهجي ٿي؟ هن وسوسي جو سادو جواب آهي ته بيشڪ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دنيا کان پردو فرمائيندا آهن، انهن جي روح قبض ڪئي ويندي آهي، انهن تي موت طاري ٿيندي آهي پر الله پاڪ جي عطا سان، ان جي فضل و ڪرم سان اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم پنهنجي مزارن (Shrines) ۾ زنده هوندا آهن. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَا تَقُوْلُوْا لِمَنْ یُّقْتَلُ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ اَمْوَاتٌؕ-بَلْ اَحْیَآءٌ وَّ لٰكِنْ لَّا تَشْعُرُوْنَ(۱۵۴)
(سيپارو: 2، البقرة: 154)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪي الله جي راھ ۾ ماريا وڃن انهن کي مئل نه چئو بلڪه اهي زندھ آهن پر توهان کي انهن جو شعور ناهي.
هن آيتِ ڪريمه ۾ صاف صاف فرمايو ويو آهي ته جيڪي الله پاڪ جي رستي ۾ شهيد ٿين، انهن کي مرده نه چئو، اهي زنده آهن، توهان انهن جي