Book Name:Al Madad Ya Ghous e Pak رحمۃ اللہ تعالی علیہ
اهڙي طرح نماز پڙهڻ جو ڪيترن کي ئي تجربو (Experience) ٿيو آهي ۽ ان جو فيضان مليو آهي)، جڏهن به ڪا حاجت هجي، ڪا مشڪل اچي وڃي، پريشاني هجي، بيماري، قرض هجي، اها نماز پڙهو! بهتر آهي ته مغرب جي نماز کان پوءِ پڙهو! حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وسيلي سان دعا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْكَرِيْم! مراد پوري ٿيندي. اهو به سمجهي وٺو ته پاڪستان ۽ هندستان کان بغداد شريف جي سمت مغرب ۽ شمال يعني West and North جي تقريباً وچ ۾ آهي
حُسْنِ نِیَّت ہو خطا پھر کبھی کرتا ہی نہیں آزمایا ہے، یگانہ ہے دوگانہ تیرا([1])
وضاحت: اها ڳالهه تجربو ٿيل آهي ته اخلاص سان نمازِ غوثيه پڙهي وڃي ته ناڪامي (Failure) ناهي ٿيندي بلڪه جنهن مقصد لاءِ پڙهي وڃي، اهو مقصد پورو ٿيندو آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مدد ۽ نگاھِ ڪرم حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو يارھين شريف به آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰه! هي وڏي يارھين شريف جو مهينو آهي، هن مهيني به يارھين شريف جو اهتمام ڪيو! ۽ آئنده هر مهيني لاءِ ان جي عادت (Habit) بڻائي وٺو! اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْكَرِيْم! ان جون تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: اسان جنهن کي به يارھين شريف جو پابند ڏٺو آهي، تجربو آهي ته اهڙو خوش نصيب مالي (Financially) ۽ روحاني لحاظ کان به تمام گهڻي ترقي (Promotion) ماڻيندو آهي. ([2])